بھلاڻي: تحفة الڪرام موجب هالاڻي ۽ بھلاڻي آمهون سامهون ٻہ درياهي پتڻ هئا. بھلاڻي شھر جي قدامت اها آهي تہ جڏهن هتان درياهي وهڪرو وهندو هو، ان وقت مکيہ پتڻ هو. مخدوم محمد دائود آگري، مدفون هالاڻي، ڪوٽڙي ڪبير جي تاريخ منظوم مثنويءَ ۾ لکي آهي، جنهن ۾ بهلاڻيءَ جو نالو بہ ڪم آندو اٿس. مخدوم صاحب ڏهين صدي هجريءَ جو چيو ٿو وڃي. بهلاڻيءَ کي ڏسڻ سان خبر پوي ٿي تہ هيءُ شھر ڪيترائي ڀيرا ڦٽو ۽ اڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ موجودہ شھر هڪ دڙي تي آهي. پاڪستان کان اڳ هن شھر کي هڪ عالم پناھہ هئي ۽ مکيہ رستن تي شاهي دروازا لڳل هئا. شھر جون گهٽيون سوڙهيون ۽ ور وڪڙ آهن. ڏهين صديءَ ۾ هت هڪ وڏو بزرگ ۽ عالم مخدوم عبدالله آگرو رهندو هو. هن شھر ۾ قريشي، سهتا، ڏوٻل، سيد، ڊکڻ، مڱڻهار، لوهر، ميربحر، چارڻ ۽ هندو رهندا هئا. هن وقت ڪمبوھہ، تيلي، ڪشميري، آرائين، راجپوت ۽ سيال بہ اچي آباد ٿيا آهن. هت هاءِ اسڪول، هڪ مدرسو، هيلٿ سينٽر، يونين ڪائونسل آفيس ۽ فيلڊ اسسٽنٽ جي آفيس آهي. هتي سيد واليڏنو شاھہ درويش مدفون آهي. هن شھر جا ٻہ درويش، فقير الھہ جياريو سھتو ۽ علي فقير ڊکڻ مشھور ٿي گذريا آهن. بھلاڻي ڪافي پراڻي بستي آهي ۽ جيئن ’هالاڻي‘ (هالا ذات جي بستيءَ) تي نالو پيل آهي، تيئن ممڪن آهي تہ بهلاڻيءَ تي ’ڀريا‘ ذات جي پوئتان نالو پيو هجي. ’ڀريا‘ ذات بہ سهتن ۽ لاکن وانگر سنڌ جي هڪ آڳاٽي ذات آهي، ليڪن تلاش ۽ تحقيق موجب چچنامي واري بهراور بستي، موجودہ بهلاڻيءَ جي بستي ٿي سگهي ٿي. بهلاڻيءَ جي ڀرسان ڀريا ذات نه، پر ڀَيا ذات ويٺل آهي. تاريخي لحاظ سان هيءَ بستي سهتن جي آباد ڪيل لڳي ٿي. بھلاڻي شھر جي اوڀر طرف انهيءَ ڀڙي جا نشان بہ نظر اچن ٿا. انهن کنڊرن جي ڀرسان هندن جو هڪ مندر هو، جتي هر سال ”شِوَ جو ميلو“ لڳندو هو. هندو ياتري پري پري کان اچي ان مندر ۾ مذهبي ڪرياڪرم ڪندا هئا، جنهن ۾ وڏا ڀڳت ۽ ڪٿڪ، ڀڳتيون وجهندا هئا. سنڌو درياھہ جا نشان بہ اتي نظر اچن ٿا. جڏهن تہ هالاڻيءَ ۾ بہ ويساکي درٻار جو ميلو لڳندو آهي ۽ ان حوالي سان اُتي مندر پڻ موجود آهي.