بھلول

بھلول: عباسي دور ۾ ڪوفي ۾ رهندڙ هڪ شخص، بهلول، جنهن جو ذڪر الجاحظ پنھنجي ”ڪتاب البيان“ ۾ ڪيو آهي. سندس چوڻ موجب هيءُ ”بھلول داناءُ“ جي نالي سان مشھور هو. ڪيترائي کل ڀوڳ جھڙا ٽوٽڪا ۽ حڪايتون ساڻس منسوب ڪيون وڃن ٿيون، جن ۾ ڏاهپ وارا نصيحت آموز نڪتا سمايل هوندا هئا. بھلول دانا وڏو صاحب ڪرامت هو. سندس واقعن ۾ اهو بہ ڄاڻايل آهي تہ پاڻ مامون جي زال کي جڏهن بشارت ڏنائين تڏهن مامون بہ گهر ڪئي، مامون کي جواب ڏنائين تہ جنت جي بدلي ۾ سڄي بادشاهت کپي. مامون چيو تہ بھلول منهنجي زال کي هڪ هار جي بدلي ۾ ۽ مون کان سڄي بادشاهت پيو گهرين. بھلول جواب ڏنو تہ هن اڻڏٺي تي ايمان آندو ۽ تو ڏسي پوءِ ايمان آندو. بھلول جو دور 4 صدي هجريءَ/ ڏهين صدي عيسويءَ ٿي سگهي ٿو. بغداد ۾ بھلول جي قبر جي ڪتبي ۾ 501 ھہ/ 1107ع ڄاڻايل آهي، جنهن کي مجذوبن جو سلطان قرار ڏنو ويو آهي. بھلول جو ڪردار، سنڌ جي وتائي فقير وارو آهي.


لفظ بھلولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو