بَهلُول لوڌي: لوڌي گهراڻي جو باني بادشاھہ ”بھلول لوڌي“ 1451ع ڌاري دهليءَ ۾ ڄائو. هو اول سرهند جو حاڪم هو. لاهور ۽ ديپال جي حڪومت کيس انعام طور ملي. دهليءَ جي سادات گهراڻي جي حڪومت ڪمزور ٿي تہ بھلول سمورا اختيار پنھنجي هٿ وس ڪيا. جنهن کانپوءِ لوڌي گهراڻي جي حڪومت شروع ٿي. هن 1488ع ڌاري علي ڳڙھہ ويجهو جلاليءَ ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو دهليءَ ۾ درگاھہ روشن چراغ رحه جي ڀت سان مليل هڪڙي باغ جي اندر آهي.
1451.00.00 عيسوي
بَهلُول لوڌي: لوڌي گهراڻي جو باني بادشاهه ”بهلول لوڌي“ 1451ع ڌاري دهليءَ ۾ ڄائو.