بھليبا-- 2

بھليبا-- 2 (Bahleba-II): هي ماڳ بہ بھليبا- ڳوٺ (هندستان) کان2 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ''20'23°76 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ ''00'01°29 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي، هڪ دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. ماڳ کان 100 ميٽر اولھہ ۾ ڀواني فيڊر ڪئنال وهي ٿو. هي ماڳ کيري علي موري جي ڀرسان آهي ۽ مقامي طور هن کي ‘کيري’ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ماڳ 1.5 هيڪٽرن تي ڦهليل آهي. هن وقت دڙي تي پهچڻ لاءِ ڪو رستو ڪو نہ آهي. ماڳ واري سڄي زمين هارين پوک لاءِ کيڙي ڇڏي آهي. هن ماڳ تان اوائلي هڙپائي (Early Harappan) دور جون وٿون ملن ٿيون. ڪجهہ وٿون تاريخي دور جون بہ شامل آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته، اوائلي دور کان تاريخي دور تائين هيءَ بستي آباد رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو