بھمڻ واھہ: هي اڳوڻي ضلعي نواب شاھہ ۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهري فيروز جو پراڻو واھہ هو، جيڪو ديھہ ديهات جو گهڻو حصو آباد ڪندو هو. ان کان علاوہ ڪنڊياري ۽ گنبٽ تعلقي جي ديھہ ”خليفي مرياھہ“ جي ڪجهہ حصي کي پاڻي ڏيندو هو. هيءُ واھہ روينيو ۽ سروي نقشن ۾ داخل آهي.