بھو بيگم عرف صاحب دولت: سنڌ جي ڪلهوڙن جي حڪمران ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي زالن مان هڪ گهرواريءَ جو نالو مائي بھو بيگم هو. جيڪا ميان صاحب جي پهرين گهرواري هئي. مائي بھو بيگم کي اڪثر ’مائي صاحب دولت‘ سان ياد ڪيو ويندو آهي. مائي بھو بيگم نواب جانثار خان گوجر جي ڌيءَ ۽ نواب الھداد خان گوجر جي ڀيڻ هئي. مائي بھو بيگم وڏي دلير عورت هئي. جڏهن مير فتح علي خان ٽالپر 1198ھہ/1782ع ۾ سنڌ جو حڪمران بڻيو، تڏهن مائي بھو بيگم بھاولپور ۾ پنھنجي مائٽن وٽ هلي وئي. هن سان گڏ ميان سرفراز خان جي گهر واري مائي سون ٻائي بہ هلي وئي، جيڪا نورنگ خان جسڪاڻي بلوچ جي ڌيءَ هئي. ميان سرفراز خان مائي بھو بيگم جو پٽ نہ هو، بلڪہ هڪ ايراني سيد زادي جو پٽ هو. ميان غلام شاھہ ايران ۾ سيد علي رضا اصفهاني جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان ميان غلام شاھہ کي ميان سرفراز خان ڄائو. مائي بھو بيگم جي وفات جي تاريخ نہ ملي سگهي آهي.