بھڊمي: ضلعي بدين جي شھر ڪڍڻ کان ڏکڻ طرف ڇھن ميلن جي مفاصلي تي نهايت قديم ماڳ آهي، جيڪو قديم دؤر ۾ هڪ شھر هو ۽ هاڻي اتي هڪ وڏو ڳوٺ آباد آهي. ميرن جي دؤر حڪومت ۾ هِن شھر ۾ محالڪاريءَ جي آفيس هئي. هينئر بہ لوڪل بورڊ واري تلاءَ جي اولھہ طرف اُن آفيسن جا ڦٽل آثار موجود آهن. فارسي ٻوليءَ ۾ ”محالڪاريءَ“ جو پراڻو دفتر لکيل آهي جيڪو رڪارڊ اڃا تائين بدين جي تعلقي آفيس ۾ موجود آهي. قديم زماني کان جيڪو شاهي رستو بهڊميءَ کان لکپت بندر تائين ويندو هو، اُن جا نشان اڃا موجود آهن.