بهه يا بيهه

بهه يا بيهه

بھہ

بِھہَ: پٻڻ جي ول جون سوراخدار پاڙون، جيڪي ڀاڄيءَ طور رڌي کائبيون آهن. انهن کي بِھہَ سڏبو آهي. هيءُ خريف جي مند جو فصل آهي، جنهن کي گرم ۽ خشڪ آبهوا جي ضرورت هوندي آهي. بِھہَ سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندا آهن ۽ عام طرح ڍنڍن جي پيداوار آهن. ڍنڍن جي پيدائش ۾ ڪُم، ڪُوڻيون، بِھہ، پٻڻ، پَن، پاٻوڙا ۽ لوڙھہ وغيرہ ٿيندا آهن، پر انهن ۾ بِھہ ۽ پاٻوڙا مشھور آهن، جن کي سنڌ جي شاعرن بہ ڳايو آهي. هن فصل جي پيداوار ۾ اتر سنڌ جون ڍنڍون ۽ لاڙ ۾ ڪينجهر، سونهري ۽ هاليجي ڍنڍون مشھور آهن. سڄي لاڙ ۾ ساريالي فصل جي بيٺل پاڻيءَ ۾ بہ اهي شيون پيدا ٿين ٿيون. بِھہ اصل ۾ پٻڻ جون پاڙون آهن، جيڪي پٻڻ ول جي مند ختم ٿيڻ بعد ڍنڍن جي ترن مان ڳولي ڪڍبيون آهن. بِهن ۾ 7 يا 9 سوراخ ۽ اُنهن ۾ وارن وانگر سنهڙا تاندورا ٿيندا آهن، جيڪي بِھہ جي ڳر کي مضبوط ڪندا آهن. بِهن جي ڀاڄي لذيذ ۽ مزيدار ٿيندي آهي. اُهي جدا بہ رڌبا آهن تہ گوشت، مڇي، پالڪ ۽ ٻين ڀاڄين سان گڏ بہ رڌبا آهن. ماموئي فقيرن جي بيتن ۾ بہ بِھہ جو ذڪر ٿيل آهي:
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بِھہ، مڇي ۽ لوڙھہ، سمي ويندا سوکڙي.
هيءُ فصل دادوءَ ضلعي جي ميهڙ تعلقي ۾ وڏي پيماني تي پوکيو وڃي ٿو. هڪ ’پاٻوڙي‘ ۾ ڇھن کان اٺ پٻڻيون ٿينديون آهن، جيڪي دراصل پٻڻ جو ٻج آهن. ٻج جو ٻاهريون تھہ تمام گهڻو سخت هوندو آهي، ان کي پوکڻ کان اڳ پٿر يا لوھہ جي سيخ سان ڌڪ هڻي ڀڃڻ گهرجي. تيار ٿيل زمين ۾ نهري پاڻي ڏيئي ٻج کي ڏيڍ کان ٻن فوٽن جي مفاصلي تي قطارن ۾ پوکڻ گهرجي. ٻج کي پوکڻ مھل زمين ۾ اندر ٿورو زور ڏجي تہ جيئن ٻج ٻاهر نہ نڪري. بھن جون ٻہ جنسون عام طور تي پوکيون وڃن ٿيون: هڪ جنس جا پن ويڪرا ۽ گل وڏا ٿيندا آهن، ٻيءَ جنس جا پن پهرينءَ جنس جي پنن کان سوڙها ٿين ٿا. ويڪرن پنن واري جنس بهتر ٿيندي آهي. حڪيمن موجب طبي لحاظ کان هي وائي باديءَ کي وڃائين ٿا. پيشاب جاري ڪن ٿا؛ معدي ۽ آنڊن جي رطوبت کي خشڪ ڪن ٿا. بدن کي ٿلهو ڪن ٿا، مثاني جا ڦٽ ڇٽائين ٿا، رت جي دستن کي بند ڪن ٿا ۽ الٽين ۽ وبائي بيمارين ۾ بِھہَ جو پاڻي فائدو ڪري ٿو. هن وقت اسان وٽ جيڪي بھن جا قسم آهن، انهن ۾ هڪ پنجاب جو بھہ ۽ ٻيو سنڌ جو بھہ آهي. پنجاب جي بھہ جي اها خصوصيت آهي تہ هيءُ پٻڻ جي ٽڪي گهڻي انداز ۾ ڏئي ٿو، جنهن ڪري هن قسم جو ٻج بھہ گهٽ پر ٽڪيون گهڻيون ڏئي ٿو. جڏهن تہ سنڌي بھہ جو ٻج، ٽڪيون گهٽ ۽ بھہ وڌيڪ ڏئي ٿو. کائڻ ۾ سنڌي بھہ تمام سٺو ۽ بھترين ڳارُو آهي.


لفظ بھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو