تائيوان (Taiwan): هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه تائيوان (Republic of Taiwan) آهي ۽ پراڻو نالو فراموسا آهي. چيني زبان ۾ ان جي لغوي معنيٰ آهي ”خوبصورت ٻيٽ“. هي ملڪ اوڀر ايشيا ۾ آهي. هن جي اتر – اوڀر ۾چيني سمنڊ، اوڀر ۾ پئسِفِڪ سمنڊ، ڏکڻ ۾ ڏاکڻيون چيني سمنڊ، اولھہ ۾ تائيوان گذرگاھہ، جيڪا هن کي چين کان ڌار ڪري ٿي، موجود آهن. تائيوان جي ڪل پکيڙ 36000 چورس ڪلوميٽر (13896 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 23 لک 19 هزار آهي. تائيوان جي گادي جو هنڌ تائي پي (Taipei) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ يوشان (بلندي: 3997 ميٽر) آهي. تائيوان جي سرڪاري ٻولي چيني آهي، جڏهن تہ هتي انگريزي، جاپاني ۽ هاڪين ٻوليون بہ ڳالهايون وڃن ٿيون. تائيوان جي موسم خوشگوار رهندي آهي، گرمي ۾ گهڻيون برساتون پونديون آهن، جڏهن تہ سردين ۾ موسم گهميل رهندي آهي. هتان جي مکيہ زرعي پيداوار ۾ چانور، ڪيلو، ڏاڙهون، ڪمند، مٺا پٽاٽا، مڱيرا، چانھہ، ڀاڄيون ۽ ميوا شامل آهن. هتان جي مکيہ صنعتن ۾ ٽيڪسٽائل، اليڪٽرانڪ جو سامان، هوائي جهاز، ڪپڙو اڻڻ، ڪيميائي شيون، ڀاڻ، فوڊ پروسيسنگ، سيمينٽ، شيشو ۽ پلاسٽڪ آهي. تائيوان جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 21 جنوري 1949ع آهي.