تائيٿ

تائِٿُ/تائيٿ: ڳھہ جو هڪ ڳھہ جو هڪ قسم. ڳچيءَ ۾ پائڻ جو ڳھہ (چاندي يا سون جو چؤڪنڊو يا ٽڪنڊو ٽڪر، جيڪو ڳاني ۾ پُوئي هار سينگار طور ڳچيءَ ۾ پائين). ”تائيٿ“ سنڌ ۾ زالون توڙي مرد ڳچيءَ ۾ پائين. هيءُ سادو ڳھہ آهي، سماٽ ۽ بلوچ ذاتين جي تائيٿ ۾ گهڻو فرق ٿئي. بلوچن جا تائيٿ مستطيل ۽ سماٽن جا تائيٿ ٽڪنڊا ٿين. ٽڪنڊن تائيٿن ۾ ٽڪنڊي جي مٿين مولھہ آيل نہ هوندي آهي. تائيٿ، جستي ۽ رائي چاندي مان بہ ٺاهين. تائيٿ ڪنواريون توڙي پرڻيل، مسلمان توڙي غير مسلمان مڙني قومن جي ذاتين جون عورتون پائين، پر مرد گهڻو ڪري غير مسلمان پائين. مسلمان ذاتين ۾ ڪن ذاتين جا مرد بہ تائيٿ پائين. تائيٿ تي وينجهرڪو ڪم بہ ٿئي تہ ٺپائي بہ ٿئي.


لفظ تائيٿھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو