شاعر تابش بخاري

شاعر تابش بخاري

تابش بخاري

تابش بخاري: مشھور شاعر تابش بخاريءَ جو اصل نالو سيد غلام شبير شاهه ولد سيد رسول بخش شاهه آهي. سندس جنم 12 جولاءِ 1965ع تي ڳوٺ شير محمد ڏاوڇ، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم.اي (اسلامڪ ڪلچر) ۽ ايم. ايڊ آهي. هن وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول طالب الموليٰ دادوءَ ۾ (H.S.T) طور ڪم ڪري رهيو آهي. هن 1989ع کان ٻارن لاءِ شاعري لکڻ شروع ڪئي. بعد ۾ غزل، چؤسٽن، حمد ۽ نعت جي صنفن ۾ به طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعري منظور سخيراڻي، ٻالڪ سنڌي، حيدر علي، شبير شاهاڻي ۽ ٻين فنڪارن ڳائي آهي. استاد بخاري اڪيڊمي دادوءَ جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگت دادوءَ جو سيڪريٽري ۽ سگا شاخ دادوءَ جو اطلاعات سيڪريٽري رهي چڪو آهي. ايف. ايم 99 دادوءَ جو انائونسر به آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”منھنجا شعر- منھنجون تصويرون“2010ع ۾ شايع ٿيو. ادبي مڃتا طور کيس استاد بخاري اڪيڊميءَ طرفان بھترين ورڪر جو اوارڊ، شھيد عادل سخيراڻي اوارڊ ۽ استاد صالح ساند اوارڊ مليل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.07.12  عيسوي

تابش بخاري 12 جولاءِ 1965ع تي ڳوٺ شير محمد ڏاوڇ ، تعلقي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رجب آزاد
شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو
سعيد سومرو
اصغر سائين
تنها سيف بخاري
چڱو جت
لڇمڻ دُبي
ڀڳت مدن
ستار سروهي
مير عباس علي خان ٽالپر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون