مشهور شاعر تابش دهلوي

مشهور شاعر تابش دهلوي

تابش دهلوي

تابش دهلوي: اردو زبان جي نامياري شاعر تابش دهلويءَ جو اصل نالو سيد مسعود الحسن هو. هو 9 نومبر 1911ع تي دهليءَ ۾ پيدا ٿيو. تعليم حيدرآباد دکن مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ آل انڊيا ريڊيو تي انائونسر طور ملازمت ڪيائين. ورهاڱي بعد ريڊيو پاڪستان سان وابستہ ٿي، خبرون پڙهڻ ۽ نيوز ايڊيٽنگ جو ڪم ڪيائين. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1958ع ڌاري بي. اي ڪيائين. هن شاعريءَ ۾’فاني بدايونيءَ‘ کان اصلاح حاصل ڪئي ۽ پنھنجي الڳ انداز سان شاندار غزل لکيائين. تابش دهلويءَ حمد ۽ نعت ۾ بہ طبع آزمائي ڪئي. پنھنجي مخصوص لباس شيرواني، علي ڳڙھہ ڪٽ پاجامي ۽ ٽوپيءَ ۾ نظر ايندڙ تابش نوجوان شاعرن جي حوصلي افزائي بہ ڪندو رهيو. کيس صدارتي اوارڊ ’ستارہ امتياز‘ بہ مليو.
سندس پهريون شعري مجموعو ”نيم روز“ 1963ع ڌاري ڇپيو، جڏهن تہ ٻين مجموعن ۾ چراغ صحرا (1982ع)، غبار انجم (1984ع)، تقديس (1984ع)، ماه شڪستہ (1993ع) ۽ ڌوپ ڇائون (1996ع) شامل آهن. تابش دهلويءَ، 23 سيپٽمبر 2004ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو