تابڪاري: ڪنهن ائٽم جي مرڪز (Nucleus) جو خود ساخته بنيادي ذرن سان گڏ برقي مقناطيسي شعاعَ خارج ڪرڻ دوران ڪنهن ٻئي عنصر جي نيوڪليس ۾ بدلجڻ واري عمل کي تابڪاري چئبو آهي. تابڪاريءَ دؤران توانائيءَ جو چڱو مقدار خارج ٿيندو آهي ۽ ان کي خاص صنعتي ۽ عسڪري (جنگي) مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي .تابڪاري جي دوران خارج ٿيڻ وارا اڪثر ذرا هيليم نيوڪليس، اليڪٽران ۽ گيما فوٽون هوندا آهن. کي ترتيب وار الفا، بيٽا ۽ گاما شعاع چيو وڃي ٿو. اڪثر تابڪاريءَ ۾ پروٽان به خارج ٿيندا آهن. بيٽا شعاع نهايت تيز رفتار اليڪٽران آهن، نيوڪليس ۾ موجود نيوٽرانن مان ڪو هڪ اليڪٽران ۽ پروٽان ۾ تبديل ٿيندو آهي. اليڪٽران فوري طور’بيٽا‘ ذرڙي طور خارج ٿيندو آهي. پوئتي بچيل نيوڪليس جو هڪ ائٽمي نمبر وڌي ويندو آهي، جڏهن ته ائٽمي وزن تي ڪو فرق نه پوندو آهي.
تابڪاري، هڪ طرفو عمل ٿئي ٿو ۽ هر وقت جاري رهي ٿو. جيئن ته تابڪاري هڪ قدرتي عمل آهي، تنهنڪري ان کي ’قدرتي تابڪاري‘ (Natural Radioactivity) به چئبو آهي. 1896ع ۾ پهريون دفعو فرانس جي سائنسدان، هينري بيڪورل، تابڪاري معلوم ڪئي، جيڪا کيس هڪ اتفاقي تجربي ذريعي معلوم ٿي. تابڪاري شعاعن جا ٽي قسم ٿيندا آهن: الفا شعاع (Alpha rays)، بيٽا شعاع، (Beta rays) ۽ گاما شعاع (Gamma rays). تابڪاري شعاع، هيليئم جو مرڪز آهن. هنن ٽنهي شعاعن کي ڌار ڌار ڪرڻ لاءِ چقمقي ميدان (Magnetic field) جي ضرورت پوندي آهي. الفا ذرڙن جو مايو، هائڊروجن جي مايي کان اٽڪل چئوڻو ٿئي ٿو. الفا شعاعن جي ڀيٽ ۾، بيِٽا ذرڙن جو مايو بلڪل ٿورو ٿئي ٿو. اهي آسانيءَ سان پکڙجي وڃن ٿا. گاما شعاع جڏهن ڌاتن تي پون ٿا ته اتان اليڪٽران خارج ڪن ٿا. تابڪاريءَ مان تمام گهڻا خطرا درپيش آهن، تابڪاري شعاع انساني جسم جي جيو گهرڙن (Cells) لاءِ تمام گهڻا نقصانڪار ٿين ٿا. تابڪاري شعاعن جي اجائي استعمال سان سرطان (Cancer) ۽ ٻيون ڪيتريون ئي بيماريون ٿي سگهن ٿيون: جيئن رت کوٽ، اکين مان زهريلا ڳوڙها ڪرڻ ۽ موتئي جي بيماري پڻ ٿي سگهي ٿي. تابڪاريءَ کان بچاءَ لاءِ، تابڪاري شعاعن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇوته تابڪاريءَ جو حد کان وڌيڪ استعمال صحت لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار آهي.