تاجل بيوس جو رسالو (ڪتاب ):هي ڪتاب نامياري شاعر تاجل بيوس جي شاعريءَ جو رسالو آهي، جنهن ۾ هن ڪُل 26 سُرَن تي بيت ۽ وايون لکيون آهن. سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز تاجل بيوس بابت لکيو آهي تہ ”تاجل بيوس خاص ڪري بيت ۽ وائيءَ جو شاعر آهي. سندس همعصر توڙي پوءِ جي ڪنهن بہ شاعر تاجل جهڙو بيت ۽ وائي نہ لکي آهي، دراصل، تاجل مصور شاعر آهي.“ تاجل جو رسالو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ سال 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، پڪي جلد ۽ ڊسٽ ڪور سان گڏ 712 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.