تاجو مري ڪنب: هيءُ ڪنب تعلقي قمبر جي ديھہ ڪوهستان، يونين ڪائونسل غيبي ديري جي هڪ ڍنڍ آهي، جو مري قبيلي جي فرد فقير تاجو جي نالي سان واقع آهي، جنهن بابت روايت آهي تہ هو انگريزن جي اوائلي ڏينهن ۾ هتي رهندو هو.