تاجپور جي نواب خاندان جو تاريخي ڪردار

تاجپور جي نواب خاندان جو تاريخي ڪردار

تاجپور جي نواب خاندان جو تاريخي ڪردار

تاجپور جي نواب خاندان جو تاريخي ڪردار (ڪتاب): هيءُ تحقيقي ڪتاب تاجپور جي نواب خاندان جي تاريخ تي مشتمل آهي، جيڪو پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’عابد‘ لغاري لکيو آهي. ڪتاب جو ‘پيش لفظ’ ۽ ‘مقدمو’ مصنف لکيو آهي. مصنف ڪتاب ۾ نواب خاندان جو حسب نسب، شجرو، نواب خاندان جو عروج ۾ اچڻ، نواب خاندان جي ميرن سان سچائي، سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن، جنگين ۽ نواب سردارن جي اولاد، انهن جي ادبي خدمتن جو جائزو، ملڪي نظام هلائڻ ۾ ڏاهپ ۽ دور انديشي، نواب خاندان جي فقيري زندگيءَ تي جامع تحقيق ڪري معلومات فراهم ڪئي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ٽالپر حاڪمن جي دؤر جي وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاري، سردار نواب احمد خان لغاري، فقير نواب ولي محمد خان صوفي القادري ۽ نواب خاندان جي ٻين معززين، نواب خاندان پاران فتح ڪيل ۽ سندن هٿ هيٺ ٺهرايل قلعن ۽ ٻين ماڳ مڪانن جون رنگين تصويرون پڻ شامل آهن. هي ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽج ريسرچ، حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ڇپيو. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 380 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 400 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو