تاج الدين بن زڪريا شيخ

تاج الدين بن زڪريا شيخ: بن زڪريا شيخ'>تاج الدين بن زڪريا شيخ جو جنم سنڀل ضلعي مراد آباد، ڀارت ۾ ٿيو. علم جي تحصيل کان پوءِ اجمير ۽ ناگور ۾ بہ رهيو. پوءِ شيخ بخش شطاريءَ جي خدمت ۾ رهيو. خواجہ باقي بالله کان ڏهن سالن تائين فيض حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ هندستان (موجودہ پاڪستان ۽ ڀارت) جي مختلف شهرن ۾ سير وسياحت ڪيائين ۽ عراق کان ٿيندو عرب جي مختلف حصن ۾ گهميو ۽ پوءِ مڪي شريف ۾ مقيم ٿي ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس وفات جو سن ڪن تاريخدانن 1051ھہ/ 1641ع لکيو آهي. شاھہ ولي محدث دهلوي حضرت مجدد الف ثاني ۽ سيد مرتضيٰ زيدي، تاج الدين شيخ جي تعليمات جي تائيد ڪندي چيو آهي تہ عرب ۾ طريقہ نقشبنديه جي اشاعت سندس ئي ذريعي ٿي. هن ڪافي يادگار تصنيفون ڇڏيون آهن. مثلاً: ”نفحات الانس جامي“ ۽ ”رشحات عين الحياة ڪاشفيءَ“ جو عربي ترجمو، ”رساله طريقہ نقشبنديه الصراط مستقيم“، ”النفحات الالهيه“، ”جامع الفوائد“ وغيرہ. کيس شاھجھان بادشاھہ هندستان اچڻ جي دعوت ڏني هئي، پر شيخ لکي موڪليو هو تہ ”مون کي بيت شريف ۾ پنھنجي نمائندگيءَ جي اجازت ڏئي ڇڏيو!“ ٻہ پٽ هئس؛ وڏي پٽ محمد عارف جي وفات سندس وصال کان پنج ڏينهن پهرين ٿي. سندس ٻيو پٽ محمد معاذ 1060ھہ/ 1650ع ۾ مڪه مڪرمه کان شاھجھان بادشاھہ جي لاءِ تبرڪات کڻي آيو هو.


لفظ تاج الدين بن زڪريا شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو