تاج الدين بن زڪريا شيخ: بن زڪريا شيخ'>تاج الدين بن زڪريا شيخ جو جنم سنڀل ضلعي مراد آباد، ڀارت ۾ ٿيو. علم جي تحصيل کان پوءِ اجمير ۽ ناگور ۾ به رهيو. پوءِ شيخ الله بخش شطاريءَ جي خدمت ۾ رهيو. خواجه باقي بالله کان ڏهن سالن تائين فيض حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ هندستان (موجوده پاڪستان ۽ ڀارت) جي مختلف شهرن ۾ سير وسياحت ڪيائين ۽ عراق کان ٿيندو عرب جي مختلف حصن ۾ گهميو ۽ پوءِ مڪي شريف ۾ مقيم ٿي ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس وفات جو سن ڪن تاريخدانن 1051هه/ 1641ع لکيو آهي. شاهه ولي الله محدث دهلوي حضرت مجدد الف ثاني ۽ سيد مرتضيٰ زيدي، تاج الدين شيخ جي تعليمات جي تائيد ڪندي چيو آهي ته عرب ۾ طريقه نقشبنديه جي اشاعت سندس ئي ذريعي ٿي. هن ڪافي يادگار تصنيفون ڇڏيون آهن. مثلاً: ”نفحات الانس جامي“ ۽ ”رشحات عين الحياة ڪاشفيءَ“ جو عربي ترجمو، ”رساله طريقه نقشبنديه الصراط مستقيم“، ”النفحات الالهيه“، ”جامع الفوائد“ وغيره. کيس شاهجهان بادشاهه هندستان اچڻ جي دعوت ڏني هئي، پر شيخ لکي موڪليو هو ته ”مون کي بيت الله شريف ۾ پنهنجي نمائندگيءَ جي اجازت ڏئي ڇڏيو!“ ٻه پٽ هئس؛ وڏي پٽ محمد عارف جي وفات سندس وصال کان پنج ڏينهن پهرين ٿي. سندس ٻيو پٽ محمد معاذ 1060هه/ 1650ع ۾ مڪه مڪرمه کان شاهجهان بادشاهه جي لاءِ تبرڪات کڻي آيو هو.