تاج حيدر

تاج حيدر

تاج حيدر

تاج حيدر: ناميارو سياستدان ۽ ليکڪ تاج حيدر ولد پروفيسر سيد ڪرار حسين، 8 مارچ 1942ع تي ڀارت جي موجوده راجسٿان رياست جي ’ڪـــوٽـاهه‘ بستيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ناميارو دانشور هو. هن ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم رڻڇوڙ لائين ڪراچي ۽ خيرپور مان حاصل ڪئي، جڏهن ته MSc جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. 1980ع ۾ ٻاهرئين ڪاروبار جي ڄاڻ (Export marketing) جو هڪ ڪورس ڪيو. هي سياستدان، ڊراما نويس، ليکڪ، تعليمي ماهر ۽ داشور هو. سندس ڪيترائي سياسي ۽ ادبي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. هي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني ميمبرن مان هو ۽ پ پ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري به رهيو. 1978ع کان 1985ع تائين پاڪستان ٽيليويزن لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيا، جن مان ’آبله پا‘، ’چاره گر‘، ’جنهين راستي مين خبر هوئي‘ ۽ ’لب دريا‘ مشھور ٿيا. هن پاليسي رٿابنديءَ هيٺ پاڻي ۽ بجلي، تعليم ۽ پاڪستان جي ڪجهه وڏن منصوبن: سئنڊڪ مِنرل ڊولپمينٽ پروجيڪٽ، هيوي مڪئنيڪل ڪامپليڪس منڇر ڍنڍ، لال شھباز ايئرپورٽ سيوهڻ، حب ڊئم، ٿر ۾ ڪوئلي جون کاڻيون، صحت ۽ سماجي شعبن جي منصوبن وغيره بابت حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو. جولاءِ 1995ع ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي سينيٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. سينيٽ جي صعنتي پيداوار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تحقيق جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ سميت مختلف ڪميٽين جو ميمبر رهيو. 2013ع ۾ سنڌ حڪومت جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر رهيو. ان کانپوءِ 2014ع ۾ ٻيھر سينيٽ جو ميمبر ٿيو. ان دوران، پاڪ چائنا اقتصادي راهداري ڪميٽي جو چيئرمين رهيو. 2016ع ۾ سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي پاران پارلياماني اڳواڻ مقرر ڪيو ويو هو. کيس 2006ع ۾ پي. ٽي. وي ايوارڊ ۽ 2013ع ۾ ستاره امتياز سان نوازيو ويو. 8 اپريل 2025ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي


لفظ تاج حيدرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.03.08  عيسوي

تاج حيدر ولد پروفيسر سيد ڪرار حسين 8 مارچ 1942ع تي ڀارت جي موجوده راجسٿان رياست جي ’ڪـــوٽـاهه‘ بستيءَ ۾ پيدا ٿيو.


2025.04.08  عيسوي

تاج حيدر 8 اپريل 2025ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻگهيو عزيز الرحمان ڊاڪٽر
سيد غلام مصطفيٰ شاهه ميرڪ
ابن فقيهه
عبدالغفور انصاري
سعادت حسن منٽو
راجڪمار هيراڻي
در محمد سومرو
لالي ٻائي ميگهو مل سرتاڻي
ٻوڌراج ٻوڌ
عالم چانڊيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون