تاج محل: تاج محل هندستان جي مغل شھنشاهه شاهجھان پنھنجي محبوب، راڻيءَ ارجمند بانوءَ (ممتاز محل) جي ياد ۾ تعمير ڪرايو هو، جيڪو دنيا جو حسين ترين مقبرو آهي. هي مقبرو جمنا نديءَ جي ڪناري تي آگري شھر ۾ موجود آهي ۽ پنھنجي حسن ۽ ڪمال ۾ اڄ سوڌو يڪتا آهي ۽ دنيا جي وڏن اٺن عجوبن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. تاج محل سڄو سفيد سنگ مرمر جو ٺھيل آهي، ان ڪري چوڏهينءَ جي چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ ان جو تجلو ۽ جرڪو عجيب نوراني ڪيفيت پيدا ڪريو ڇڏي. تاج محل صبح جي ڪوهيڙي ۾ جمنا نديءَ جي مخالف ڪناري وٽان فضا ۾ ترندو محسوس ٿيندو آهي. تاج محل جي تعمير 1632ع کان شروع ٿي، اڏاوتي ڪم ۾ 20 هزار ڪاريگرن، مزدورن ۽ چٽساليءَ جي ماهرن لڳاتار 21 سال پورهيو ڪيو. هي محل ٽي ڪروڙ ويھه لک رپين جي خرچ سان 1653ع ۾ جڙي راس ٿيو. تاج محل جي تعمير جي دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ڪم جو اڳواڻ وقت جي اسلامي عمارتسازيءَ جو ماهر ڪاريگر استاد عيسيٰ هو، جيڪو ايران کان خصوصي طور گهرايو ويو هو. تاج محل جي گنبذ کي اسماعيل آفنديءَ ڊزائين ڪيو هو. ان کان سواءِ به دنيا جي مختلف ملڪن مان ڪيترا اعليٰ ڪاريگر گهرايا ويا هئا، جيڪي استاد عيسيٰ جي نگرانيءَ ۾ هن مقبري جي ڪم ۾ شامل هئا. انھن ۾ بنارس جو رهاڪو پُرو ۽ لاهور جو ڪاظم خان به شامل هئا. ڪاظم خان ڪلسي تي سون جو ڪم ڪيو. دهليءَ جي چيران لال چٽساليءَ جو ڪم ڪيو. ايران جي مشھور شھر شيراز مان آيل امانت عليءَ، محل ۾ ڪيليگرافيءَ جو ڪم ڪيو. محمد حنيف رازن جي نگراني ڪندو هو، جڏهن ته شيراز مان مير عبدالڪريم، معمار خان ۽ ڪرامت خان جھڙن قابل معمارن ۽ مير منشين هن ڪم جي نگراني ڪئي. تاج محل عظيم تعميراتي منصوبي جي ڍنگ تي تعمير ٿيل آهي، جنھن جي پويان جمنا ندي وهندي رهي ٿي. تاج محل واري باغ ۾ چار وڏا تلاءَ ٺھيل آهن. جن مان هڪ تلاءَ ۾ وڌيڪ چار تلاءَ ٺھيل آهن ۽ انھن ننڍن تلائن مان به هر هڪ ۾ اڃا به ٻيا چار تلاءَ ٺھيل آهن. جيڪي عربي طرز تعمير موجب ٺھيل آهن. هن مقبري ۾ اڇي ماربل جي پٿر جو تمام گهڻو استعمال ٿيل آهي. هن چورس مقبري جي آڏو ايوان آهي. ايوان جي دروازي تي گنبذ آهي، جنھن جي مٿان ڪلسو ٺھيل آهي. جيڪو مغل عمارتسازيءَ جو خاص عنصر مڃيو وڃي ٿو. جيڪو اصل ۾ ايراني ۽ تيموري عمارتسازيءَ جو خاص نشان آهي. هي چورس عمارت هر پاسي 55 ميٽر (495 فوٽ) آهي. عمارت جي مکيه چوڪور ڪمري کي ’ڪنڊ جوڙون‘ ڏئي، اٺ ڪنڊو ڪري مٿان ڳچ (Drum) ٺاهي، ان جي مٿان گنبذ اڏيو ويو آهي، جيڪو 35 ميٽر اوچو آهي. عمارت جو ڳچ (Drum) 7 ميٽر اوچو رکيو ويو آهي. هي مقبرو اصل ۾ هڪ شاهي منصوبي جو فقط هڪ حصو آهي، جنھن ۾ شاهي دروازو، عاليشان باغ، کاٻي طرف ٺھيل مسجد، ساڄي طرف مھمان سراءِ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شاندار عمارتون شامل آهن. شاهجھان، راڻيءَ ممتاز سان سن 1612ع ۾ شادي ڪئي هئي. ان وقت راڻيءَ جي عمر ويھه سال هئي. هيءَ سندس ٻي زال هئڻ سان گڏ حقيقي رفيق حيات، محبوبا ۽ سياسي توڙي سماجي صلاحڪار به هئي. شاهجھان، راڻيءَ کي عام رعايا سان رحم، انصاف ۽ مسڪينن جي مدد لاءِ مقرر ڪيو هو. ممتاز محل مان بادشاهه کي چوڏهن ٻار ٿيا. ممتاز محل برهانپور جي فسادن جي روڪٿام واري جنگي مھم دوران پڻ بادشاهه سان گڏ هئي، جتي هن 1632ع ۾ وفات ڪئي. کيس امانت طور برهانپور ۾ دفن ڪيو ويو، بعد ۾شاهجھان بادشاهه سندس لاش آگري ۾ آڻي، راجا جئه سنگهه کان زمين خريد ڪري راڻيءَ کي ٻيھر امانت طور دفنايو. انھيءَ زماني ۾ تاج محل جي اڏاوت شروع ٿي، جيڪا ٻاويھن سالن تائين جاري رهي. راڻيءَ، وفات کان اڳ بادشاهه کان چئن ڳالهين جو وچن ورتو هو: (1) بادشاهه راڻيءَ جي قبر تي مقبرو جوڙائيندو، (2) بادشاهه ٻي به هڪ شادي ڪندو، (3) بادشاهه پنھنجي اولاد تي مھربان رهندو ۽ (4) بادشاهه راڻيءَ جي وفات کانپوءِ سندس مقبري تي ايندو رهندو. دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهجھان انھن مان ٻه وچن پاڙيا، يعني (1) مقبرو جوڙايائين ۽ (2) ممتاز محل جي وفات کان پوءِ ٻي شادي ڪيائين. راڻيءَ سان حقيقي پيار کي دائمي طور برقرار رکڻ لاءِ بادشاهه تاج محل کي واقعي دائمي پيار جي سچيءَ علامت طور تعمير ڪرائڻ ۾ ذري برابر به ڪسر نه ڇڏي. اهوئي سبب آهي، جو تاج محل اڃا تائين دنيا جي محلاتن جو تاج ليکيو وڃي ٿو. جڏهن تاج محل جي دروازي اندر داخل ٿبو آهي ته ماڻهوءَ جي پھرين نظر هڪ اهڙي محراب تي وڃي پوندي آهي، جنھن ۾ مقبري جي رنگن جي تبديلي نظر ايندي آهي. رنگن جي قدرتي طرح وقت بوقت تبديل ٿيڻ جو راز درياهه جي ڪناري تي سفيد مرمرين تعمير ۾ لڪل آهي. چنڊ جي روشني پوڻ سان مقبري جو ذرو ذرو هيرن وانگر چمڪڻ لڳندو آهي. شاهجھان جي قبر، ممتاز بيگم جي قبر سان گڏ آهي ۽ اها قبر ممتاز جي قبر کان ڪجهه وڏي آهي. ٻنھي تي سڃاڻپ لاءِ ڪتبا لڳل آهن. آگرو شھر سورهين ۽ سترهين صديءَ جي اڌ تائين مغل سلطنت جي راجڌاني ٿي رهيو هو ۽ اهو هن وقت دهليءَ کان ايڪسپريس ريل گاڏيءَ وسيلي ڏيڍ ڪلاڪ جي پنڌ تي آهي. سڄي دنيا مان ايندڙ سياح رڳو آگري جي ڦٽل قلعي کي ئي ڏسڻ لاءِ نه ايندا آهن، پر اهي گهڻو ڪري تاج محل ڏسڻ ايندا آهن. تاج محل سياحن لاءِ روزانو صبح 6 کان شام 7 بجي تائين کليل رهندو آهي، جڏهن ته جمعي ڏينھن منجهند 12 کان 2 بجي تائين نماز لاءِ بند ڪيو ويندو آهي. تاج محل ۾ ڪنھن به اڻ وڻندڙ واقعي کي روڪڻ لاءِ سياحن کي فقط پنج شيون کڻي وڃڻ جي اجازت آهي. (1) پاڻيءَ جي بوتل، (2). ننڍڙي ويڊيو/ ڪئميرا، (3). فوٽو گرافيءَ لاءِ ڊجيٽل ڪئميرا، (4). موبائيل فون ۽ (5). عورتن کي ننڍو پرس. مغلن جي هن عظيم يادگار، ممتاز محل ۽ شاهجھان جي محبت جي نشانيءَ ۽ مغل عمارتسازي جي بھترين نموني کي ”يونيسڪو“ 1983ع کان ورلڊ هيريٽيج (دنيا جو ثقافتي ورثو) قرار ڏئي سنڀالي رهي آهي. هي ثقافتي ورثو هندستان، ايران ۽ اسلامي دنيا جي عمارتسازيءَ جو گڏيل ورثو آهي.