تاج محمد رضائي: مولانا تاج محمد ولد مير خان کوکر، ڳوٺ آريجا تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هن پنهنجي تعليم نامياري عالم مولانا غلام عمر جتوئيءَ وٽ مدرسي دارالفيض، سوني جتوئيءَ ۾ حاصل ڪئي. هي طالب علميءَ واري زماني ۾ ڏاڍو ذهين، طبع جو نهٺو ۽ اڪيلائي پسند هو. اڪثر وڻ جي ڇانو هيٺ ڪتابن ۾ منهن وجهي، سڄو ڏينهن پيو مطالعو ڪندو هو. ان ڪري سندس استاد چوندو هو ته ”اسان جو ڪم هي شاگرد ڪندو؛ يعني مدرسو قائم ڪندو ۽ اسان جو نالو روشن ڪندو.“ مولانا تاج محمد، عالم دين هجڻ سان گڏ هڪ سٺو شاعر به هو. هو شاعريءَ ۾ ”رضائي“ تخلص ڪم آڻيندو هو. مولانا تاج محمد رضائي عربي، فارسي ۽ سنڌي زبان جو شاعر هو. کيس شاعريءَ سان ايڏو شوق هو، جو پاڻ جڏهن مڪي شريف ۾ حج ادا ڪرڻ لاءِ ويو، تڏهن حجاز پاڪ مان پنهنجن دوستن ۽ عالمن کي جيڪي خط موڪليندو هو، سي اڪثر شعر ۾ لکندو هو. مولانا تاج محمد رضائيءَ جو علمي ۽ قلمي رابطو ملڪ جي مختلف حصن جي ناليوارن عالمن سان هميشه قائم رهيو، اهڙن عالمن ۾ مولانا احتشام الحق ٿانوي، مولانا محمد شفيع ديوبندي، مفتي سيد احمد (ناظم مرڪزي انجمن لاحناف هند، لاهور)، مولانا ابوالسعود قادري (ناظمِ اهلِ سنت، جمعيت اصلاح و ترقي اهل سنت، بريلوي، هندوستان) وغيره شامل آهن. مولانا تاج محمد رضائي شاعر هئڻ سان گڏ اعليٰ درجي جو نثرنگار به هو. هن ڪيترا فقهي، ديني ۽ درسي ڪتاب تصنيف ڪيا، جن ۾ سيف الرسول، تاج، رهبر فارسي، تحفه حسيني ۽ فيض روضي ڌڻي وغيره قابل ذڪر آهن. مولانا تاج محمد رضائي پنهنجي علمي ۽ ديني لياقت وڌائڻ لاءِ فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ملڪن جي سفر تي ويو. هن حرمين شريفين جي زيارت به ڪئي، هندستان ۽ پنجاب جي مختلف شهرن جا دورا ڪيا. ان کان پوءِ موٽي اچي پنهنجي ڳوٺ آريجا، تعلقي ڏوڪري ۾ ديني درسگاهه جو بنياد، شوال 1347هه/ 1928ع ۾ رکيائين، جنهن جو نالو ”مدرسه شمس العلوم“ رکيائين، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي، جتان ديني علم جا طالب وقت بوقت پنهنجي علمي اُڃ اُجهائيندا رهندا آهن. مولانا تاج محمد رضائي پنهنجي عقيدي ۽ طريقي موجب قادري سلسلي سان تعلق رکندڙ هو. انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر رحمت الله ابڙي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته: ”مولانا غلام عمر جتوئيءَ کيس قادري سلسلي ۾ داخل ڪيو ۽ ذڪر ڪرڻ جي واٽ ٻڌائي. اهڙيءَ طرح مولانا تاج محمد صاحب، راشدي گهراڻي جي قادري سلسلي جي طريقت ۾ داخل ٿيو، تنهنڪري کيس ”قادري فقير“ به ڪري ڪوٺيندا هئا.“