تاج محمد شاھہ سيد

تاج محمد شاھہ: شاعر، نثر نويس ۽ خوش نويس سيد تاج محمد شاھہ ولد سيد ڏتل شاھہ حسيني، رضوي 1902ع ڌاري روهڙي، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم روهڙي شھر مان حاصل ڪئي. سنڌي ۽ اردوءَ سان گڏ فارسي بہ ڄاڻندو هو. نئين ديري ڀرسان هڪ اسڪول ۾ پرائمري استاد رهيو. سندس گهڻو ڪلام وقت گذرڻ سان ضايع ٿي ويو. نثر ۾ سندس ٻہ ڪتاب: جن مان هڪ ”ڪاشف الڪرب المصائب“ جيڪو ڪربلا واري قضيي جي باري ۾ مصائبي مجلس جي انداز ۾ ۽ ٻيو ”تذڪره مير يعقوب علي خان“ جيڪو اصل ڪوٽائي سيد يعقوب علي شاھہ ’رابع‘ جو لکيل هو، جنھن کي هن ٻيھر نقل ڪيو هو. اهي سندس پونئرن وٽ محفوظ آهن. هن 23 ورهين جي ڄمار ۾ 6 مارچ 1925ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو