تارا
تارا: انڌاري رات ۾ آسمان صاف هوندو آهي ته اُڀ تي ڪيترا تارا موتين وانگر چمڪندي نظر ايندا . ظاهري اک سان هڪ ئي وقت اٽڪل ڇهه هزار تارا ڏسي سگهجن ٿا . عام طرح اسان سمجهندا آهيون ته سڄي رات تارا آهستي آهستي اوڀرکان اولهه طرف لهي ويندا آهن ۽ اوڀر کان وري ڪجهه ٻيا تارا نڪرندي نظر ايندا آهن ، آسمان تي تارن جي هيءَ حرڪت ظاهري آهي ، اصل ۾ سندن حرڪت زمين جي محوري گردش جي ڪري آهي . ان گردش وسيلي تارا مختلف دائرن ۾ هلندي معلوم ٿيندا آهن .
تارا اصل ۾ سج وانگر وڏا ۽ روشن جسم آهن . ڪي تارا سج کان به وڏا ۽ وڌيڪ گرم چيا وڃن ٿا . تارا وڌيڪ فاصلي جي ڪري ننڍن ننڍن ٽٻڪن وانگر ٽمڪندي نظر ايندا آهن . ننڍن تارن کي جيتامڙا ( Dwarfs ) چئبو آهي ۽ وڏن تارن کي ديو ( Giants ) چئبو آهي . وڏا تارا وڏا ديو ( مهاديو Super Giants ) سڏجن ٿا . تارن جو رنگ انهن جي عمر ۽ گرمي پد تي منحصر آهي . عمر گذرڻ سان تارا ٿڌا ٿي وڃن ٿا ۽ سندن رنگ بدلبو رهي ٿو . نو عمر ( نوان ) تارا اڇا يا هلڪا نيرا ٿين ٿا ۽ سندن گرمي پد هڪ هزار درجي سينٽي گريڊ کان پنجٽيهه هزار درجي سينٽي گريڊ تائين هوندو آهي . پيلي رنگ جي تارن جو گرمي پد 5 هزار سينٽي گريڊ کان 8 هزار سينٽي گريڊ تائين هوندو آهي . نارنگي رنگ جي تارن جو گرمي پد 4 هزار سينٽي گريڊ کان 5 هزار سينٽي گريڊ هوندو آهي . ڳاڙهي رنگ جا تارا وڏي عمر جا ٿين ٿا ، جن جو گرمي پد 2500 درجا سينٽي گريڊ کان چار هزار درجا سينٽي گريڊ تائين ٿئي ٿو .
تارا زمين کان تمام گهڻو پري ٿين ٿا . سڀ کان ويجهو تارو ، جنهن کي قنطورس ’الف ‘ چئجي ٿو ، زمين کان چار سئو کرب ڪلوميٽر پري آهي . تارن جو فاصلو ماپڻ جو ايڪو نوري سال آهي . نوري سال اهو فاصلو آهي ، جيڪو روشني هڪ سال ۾ پورو ڪري ٿي . هڪ نوري سال ڇهانوي کرب ڪلوميٽرن جي برابر آهي . ٻيا تارا انهيءَ تاري کان به پري آهن . دوربين جي مدد سان هزارين نوري سالن جي فاصلن تائين تارا نظر اچن ٿا .