تاراھہ ڳوٺ: هالا کان 10 ڪلوميٽر اتر طرف نيشنل هاءِ وي تي اولهندي طرف ٻہ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آباد هن ڳوٺ جو نالو ابتدا ۾ ”علي شاھہ جو ڳوٺ“ هو. سيد علي شاھہ هجرت ڪري هن علائقي ۾ اچي ويٺو، جنهن جي نالي پٺيان پوءِ ”علي شاھہ جو ڳوٺ“ سڏجڻ ۾ آيو. روايتن موجب سيد علي شاھہ ارڙهين صدي عيسوي جي آخر ۾ هتي رهائش پذير ٿيو، جنهن جي اٺين پيڙهي هن وقت هتي آباد آهي. اها بہ روايت آهي تہ مخدوم نوحرح جي سورهين سجادہ نشين مخدوم غلام محمد ”مغموم“ جو هن ڳوٺ ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ رهندو هو. هڪ ڀيري مخدوم غلام محمد هن ڳوٺ جي تڙ جي مٺي پاڻي جي مناسبت سان ”وڻ ونجهيري، تڙ تاراھہ“ جو فقرو چيو. جنهن کان پوءِ علي شاھہ ڳوٺ جو نالو تبديل ٿي ”تاراھہ“ ٿي ويو. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن ڳوٺ جي ڀرسان شاخ ڪڍي وئي تہ ان تي بہ ”تاراھہ شاخ“ نالو رکيو ويو.
ڳوٺ تاراھہ جي اولھہ طرف فرلانگ کن جي مفاصلي تي سيد پنھل فقير جو مقبرو آهي، جنهن تي ڪجهہ سال اڳ سيد علي شاھہ جي اولاد مان مرحوم سيد غلام نبي شاھہ ساليانو ميلو لڳرائيندو، پر سندس وفات بعد اهو سلسلو بہ بند ٿي ويو. تاراھہ ڳوٺ ۾ سيدن کانسواءِ چانڊيا، لاکا، ڳاهوٽي، شيدي، هندو، باگڙي، ڀيل ۽ ڪولهي ذاتين جا لڳ ڀڳ ٻہ سئو گهر آهن ۽ سندس آبادي لڳ ڀڳ هڪ هزار جي برابر آهي.