تارا ٻائي

تارا ٻائي (485 ھہ/1092ع- 500 ھہ/1106ع ):دودي سومري جي شهادت کان پوءِ سندس پٽ سنگهار اڃا صغير هو، ان ڪري راڄن (عوام) ۽ سردارن پيءُ جي پڳ تہ سنگهار کي ٻڌرائي، پر رياست جو انتظام سندس وڏيءَ ڌيءُ تارا ٻائيءَ جي حوالي ڪيو. تارا ٻائيءَ کي ڪن تاريخن ”زينب“ بہ سڏيو آهي. هڪ عورت جو ملڪي انتظام جو سربراھہ ٿيڻ ۽ ملڪ جي اميرن، سردارن ۽ راڄن پاران سندس اطاعت ڪرڻ، هڪ اهڙو انوکو تجربو هو. جيڪو ان وقت جي سنڌي سماج جي ترقي يافتہ هجڻ جو ثبوت ڏئي ٿو. تارا ٻائيءَ سومريءَ جي پندرهن سالن جي حڪومت ۾ اميرن، وزيرن، عالمن يا مشائخن ڪنهن بہ قسم جي مخالفت نہ ڪئي. ڪن تاريخن سندس حڪومت جو عرصو 10 سال لکيو آهي. ان جي برخلاف هند جي راڻي رضيہ سلطانہ جي اميرن، درٻارين، ملن مولوين، متحد ٿي سندس خلاف بغاوت ڪئي هئي، نتيجي ۾ کيس پنھنجي حڪومت سان گڏ جان بہ وڃائڻي پئي هئي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو تہ سنڌي سماج ۾ عورت کي سڀ کان وڌيڪ مان ۽ مرتبو حاصل رهيو آهي، ان ڪري اخلاقي توڙي سماجي طور سنڌي عوام بغير ڪنهن جنسي امتياز جي هن عورت حاڪم جي حمايت جاري رکي هئي ۽ سنڌ جي هيءَ شهزاديءَ شان ۽ شوڪت ، مان ۽ مرتبي سان حڪومت هلائيندي رهي . جڏهن تارا ٻائيءَ جو ڀاءُ شھاب الدين سنگهار وڏو ٿيو تہ هيءَ دورانديش عورت بغير ڪنهن دٻاءَ ۽ حجت جي ڀاءُ جي حق ۾ حڪومت تان دستبردار ٿي وئي . اهو هڪ تاريخي مثال آهي . تارا ٻائيءَ جو ذڪر تاريخدولت علويه “ ۽ ” تاريخ معصوميءَ “ ۾ ملي ٿو .


لفظ تارا ٻائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو