تارا چند

تارا چند (گويو ): تارا چند پٽ چوهڙ مل 1909ع تي ڳوٺ سيتا، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. مشھور گويي عالم شاھہ جو دوست ۽ هم عمر هو ۽ پنھنجي وقت جو مشھور گويو ٿي گذريو آهي. ماڻهو کيس اڪثر ڪري تارو گويو ڪري سڏيندا هئا. هو سارنگيءَ ۽ هارمونيم جو ماهر وڄتو هو. هو ڪڏهن مقامي گويي عالم شاھہ سان جوڙ ۾ تہ ڪڏهن اڪيلو بہ ڳائيندو هو. جڏهن عالم شاھہ 1942ع ۾ وفات ڪئي تہ تارو سندس جدائيءَ جو دک سھي نہ سگهيو ۽ ڳائڻ ڇڏي ڏنائين. 1947ع جي ورهاڱي واري وقت هندستان هليو ويو.


لفظ تارا چندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو