تاريخ: تاريخ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ ’وقت مقرر ڪرڻ‘ آهي، پر عام طور معنيٰ ”قومن جي عام واقعن جو بيان يا تاريخي تسلسل جو بيان“ ڪئي ويندي آهي. اهو مفهوم بادشاهن جي احوال ۽ واقعات نگاريءَ جي ڪتابن لاءِ ڪم آندو ويو آهي. ”تاريخ“ لفظ اهڙن ڪتابن لاءِ بہ استعمال ٿيو آهي، جيڪي ان مفهوم سان ٺهڪندڙ نہ آهن، جھڙوڪ البيرونيءَ جو هندستان جي احوال بابت ”ڪتاب الهند“، جنهن ۾ گهڻو ڪري قديم سنڌ جي ڌار ڌار علمن بابت تفصيل موجود آهي.
ڪنهن خاص دَور يا زماني جي شروعات جو تعين، حادثن جي وقت جي تعين سان ڪيو ويندو آهي، جيئن مسلمانن وٽ تاريخ هجريءَ کان سواءِ ٻيون بہ تاريخون مُستعمل آهن، مثال طور: ”تاريخ عالم“ يا ”حضرت نوح عليہ السلام وارو طوفان“. سنڌ ۾ وري اسلامي دور کان اڳ سنڌ جي خودمختياريءَ واري هڪ واقعي سان پنھنجي تاريخ جو آغاز ڪيو.
لفظ ”تاريخ“، سامي ٻولين ۾ مهيني جي پهرينءَ تاريخ واري ڏينهن لاءِ بہ استعمال ٿيندو هو. ان دور ۾ هڪ ڏينهن سج لھڻ کان وٺي، ٻئي ڏينهن سج لھڻ تائين هڪ ڏينهن شمار ٿيندو هو.
تاريخ دراصل انسانيت جي محافظ آهي، جيڪا نہ صرف قومن ۽ جماعتن جي بلڪہ ڪل ڪائنات جي پوين تجربن جو رڪارڊ محفوظ رکي انسانن جي آڏو پيش ڪري ٿي تہ جيئن انسان انهن تجربن جي روشنيءَ ۾ پنھنجي حال جو جائزو وٺي ۽ مستقبل ۾ پاڻ کي محفوظ رکي سگهن.
تاريخ جي رڪارڊ جي جائزي وٺڻ لاءِ ٽي نقطهءِ نظر آهن:
(1) معروضي مطالعو يعني واقعا ۽ حالات جيئن بہ گذريا هجن، انهن کي جيئن جو تيئن ڏسڻ.
(2) قوم پرستيءَ جو مطالعو يعني اهم واقعن کي ان نسل يا قوم يا ملڪ جي حمايت جي جذبي سان ڏسڻ.
مقصدي ۽ اصولي يعني نسلي ۽ قومي تعصب پرستيءَ کان بالاتر ٿي، نسل انساني ۽ ان جي مختلف جزن جي ڪارنامن تي صحيح نموني تحقيق ڪري راءِ قائم ڪرڻ.