تاريخ ادب اردو

تاريخ ادب اردو

تاريخ ادب اردو

تاريخ ادب اردو (ڪتاب ):اردو ادب جي هيءَ تاريخ ڊاڪٽر رام بابو سڪسينا هنديءَ ۾ لکي هئي، جنهن جو اردو ترجمو مرزا محمد عسڪريءَ ڪيو آهي، ڊيمي سائيز 605 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب غضنفر اڪيڊمي پاڪستان، ڪراچي طرفان ڇپيو ويو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 35 رپيا آهي. مصنف جي تمهيد ۽ مترجم جي گذارش کان پوءِ ڪتاب 19 بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ اردو زبان جي اصليت، رسم الخط، شاعري، اردو ادب جي دور وار تاريخ، اردو شاعريءَ جون عام خصوصيتون، دکن، اورنگ آباد، دهلي، لکنوء جي قديم شاعرن، اردو مرثيي، اردو جديد شاعري، اردو نثر جي ابتدا ۽ ترقي، اردو نثر جي وچئين دور، اردو ناول، ڊرامي ۽ اردو زبان جي خاص خوبين تي مشتمل آهي، ضميمي ۾ نظر لکنوي ۽ ڊاڪٽر محمد اقبال تي خاص تفصيل سان لکيو ويو آهي. هي ڪتاب اردو زبان ۽ ادب تي مستند تاريخ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو