
تاريخ ادب اردو
تاريخِ ادبِ اردو (ڪتاب ):اردو ادب جي تاريخ تي مشتمل هي ڪتاب نامياري اديب، ڊاڪٽر جميل جالبيءَ لکيو آهي، جيڪو ٻن جلدن ۾ ڇپيو آهي. ڊاڪٽر جميل جالبي هن تاريخ جي پهرين جلد ۾ شروعات کان وٺي 1750ع تائين اردو ٻوليءَ جي تاريخ قلمبند ڪئي آهي، پهرين جلد ۾ تمهيد سان گڏ ڇھہ فضل ۽ ضميمو آهي. پهرين فصل ۾ ٽي باب، ٻئين فصل ۾ چار باب، ٽئين فصل ۾ ٻہ باب، چوٿين فضل ۾ اٺ باب، پنجين فصل ۾ ست باب، ڇهين فصل ۾ ٻہ باب ۽ ضميمي ۾ ”پاڪستان ۾ اردو“ جي نالي سان پڻ تفصيلي بحث ڪيل آهي. جڏهن تہ ٻئي جلد کي ڊاڪٽر جميل ٻن حصن ۾ ورهايو آهي ۽ انهن ٻنهي حصن ۾ اردوءَ جي ارڙهين صديءَ واري تاريخ بيان ڪئي وئي آهي. اردو جي ادب جي هن اهم ڪتاب جو پهريون جلد مجلس ترقي ادب لاهور طرفان 1995ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻيو جلد ٻن حصن ۾ ايڊيوڪيشنل پبلشنگ هائوس، دهليءَ طرفان شايع ٿيو. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي هر جلد جي قيمت 200 رپيا ڄاڻايل آهي.