تاريخ اسلام (ڪتاب ):هن نالي سان سنڌيءَ ۾ ڇپيل هيٺين پنجن ڪتابن جو تفصيل ڏجي ٿو.
تاريخ اسلام1: مخدوم امير احمد صاحب جي لکيل، ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 258 صفحا آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو آر. ايڇ. احمد ائنڊ سنز، اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان 1955ع ۾ ڇپيو، ٻيو ڇاپو سال 1962ع ۾ ڇپيو، ان موضوع تي هي ڪتاب پڻ شايع ٿيا:
تاريخ اسلام2: ڪريم بخش چنا جي لکيل ڪتاب جي قيمت 2 رپيا 25 پئسا آهي. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو نسيم برادرس، قرآن پريس حيدرآباد مان 1966ع ۾ ڇپيو، ساڳئي ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو بہ ساڳئي سال، قرآن پريس حيدرآباد ۾ ڇپيو، جنهن ۾ 140 صفحا آهن ۽ ان جي قميت ڏيڍ رپيو آهي.
تاريخ اسلام3: رشيد احمد لاشاريءَ جي لکيل ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ڪرائون سائيز جي 250 صفحن تي مشتمل ايڊيوڪيشنل بُڪ ڊيپو حيدرآباد 1954ع ۾ ڇپيو، جڏهن تہ ٻيو ڇاپو 1955ع ۾ شايع ڪيو.
تاريخ اسلام4: هي ڪتاب عبدالحسين موسويءَ جو لکيل آهي. سنڌ جي مشھور پبلشر آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس حيدرآباد سنڌ 1950ع ۾ شايع ڪيو.
تاريخ اسلام5: عليم خان جي لکيل ڪرائون سائيز جي 108 صفحن واري ڪتاب جي قيمت چار رپيا آهي، اُن جو ٻيو ڇاپو تاج محل پريس، حيدرآباد مان، سال 1957ع ۾ ڇپيو.
تاريخ اسلام6:هيءُ ڪتاب ع.ق شيخ جو سيرت النّبي ۽ خلافت راشده تي سوالن ۽ جوابن ۾ لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ سوال بہ مصنف پاڻمرادو ڪيا آهن ۽ انهن جا مفصل ۽ تفصيلي جواب بہ ڏنا آهن. هي ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ عربستان جي جاگرافي، حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جو خاندان، پاڻ سڳورن جي ولادت، نبوت، تبليغ، جنگيون، هجرت جو احوال کان ويندي هن فاني دنيا مان دارالبقا وڃڻ تائين جو احوال ڏنل آهي ۽ ٻئي حصي ۾ خلافت راشديه يعني چئني خليفن جي خلافت انهن جي دور تي مواد شامل آهي. حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جي نبوت کان پوءِ جيتريون بہ جنگيون ٿيون آهن، ويندي حضرت علي ڪرم ﷲ وجهہ تائين سڀني جنگين بابت سوال جواب ڪيل آهن. هي ڪتاب پڪي جلد ، ڪرائون سائيز ۾ 307 صفحن تي مشمل آهي. هي ڪتاب ايجوڪيشنل بڪ ڊيپو اسڪول روڊ، حيدرآباد، پاران 1955ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 3 رپيا 12 پئسا لکيل آهي.