تاريخ الفي (ڪتاب ):هن ڪتاب جو مصنف شھيد علامہ احمد ٺٽويرحه آهي. علامہ احمد ٺٽويءَ کي اڪبر بادشاھہ حڪم ڪيو تہ پهرين هجري سال کان وٺي اڪبر جي زماني تائين هڪ هزار سالن جي تاريخ لکي. اهو حڪم ٻڌي علامہ صاحب ”تاريخ الفي“ جي نالي سان هجري سن جي آغاز کان وٺي چنگيز خان جي زماني تائين ٻن جلدن ۾ تاريخ قلمبند ڪري 32 جلوس اڪبر بادشاھہ جي خدمت ۾ پيش ڪئي، انهيءَ تاريخ کي پوري ڪرڻ جي علامہ صاحب کي فرصت ئي ڪانہ ملي، ڇو تہ اڪبر وٽ هن جي عزت احترام ۽ اثر رسوخ ڏسي کيس شھيد ڪرايو ويو. اهو واقعو 1000ھہ بمطابق 1591ع ۾ ٿيو. علامہ احمد ٺٽويءَ سان صرف عالم هئڻ ڪري ئي تمام گهڻو تعصب ۽ حسد هوندو هو. پير حسام الدين راشدي، علامہ صاحب جي باري ۾ لکي ٿو ته، ”ملا عبدالقادر بدايوني تعصب ۾ احمد ٺٽويءَ بابت تمام گهڻو ناشائستو لکيو.“ هي ناياب ڪتاب اڃا تائين اڻ ڇپيل آهي. احمد بن ابو الفتح شريف اصفهانيءَ هن ڪتاب جي تلخيص (اختصار) ڪئي، پر اها بہ ڇپيل ناهي، البته هن جا ڪجهہ حصا انگريزيءَ ۾ ڇپجي چڪا آهن.