تاريخ بخارا يا اخبارِ بخارا

تاريخ بخارا يا اخبارِ بخارا (ڪتاب ):هي ڪتاب ابتدائي دور کان چنگيز خان جي حملي تائين بخارا جي نهايت مستند ۽ حقيقت تي مبني تاريخ جو ڪتاب آهي. هن ۾ اهڙو ڪافي مواد آهي، جيڪو ٻئي هنڌ نہ ٿو ملي. ابوبڪر محمد نوشخيءَ 332 ھہ/ 944ع ۾ هيءُ ڪتاب عربي زبان ۾ مرتب ڪيو. 522ھہ/ 1128ع ۾ قباوي نالي هڪ شخص اِن جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪي ڳالهيون کيس هن ڪتاب ۾ نامناسب لڳيون، تن کي هن ختم ڪري ڇڏيـــو، ۽ ڪـــجهہ ڳالــهيون پنھنجي طرفان لکـي ڇڏيائين. 574ھہ/ 1178ع ۾ محمد بن زفر بن عمر، قباويءَ ترجمي جي تلخيص ڪئي ۽ ڪتاب کي صدر جھان برهان الدين عبدالعزيز صدرالصدور بخارا جي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو. آخر ۾ ڪنهن ٻئي شخص ڪتاب ۾ چنگيز جي آمد تائين جي واقعن جو اضافو ڪري ڇڏيو. هيءُ ڪتاب بخارا ۽ تھران ۾ ڇپجي چڪو آهي ۽ يورپ ۾ ان جا ڪافي ترجما ٿي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو