تازن معرڪن جي تاريخ

تازن معرڪن جي تاريخ

تاريخ تازہ نواءِ معارڪ

تاريخ تازہ نواءِ معارڪ (ڪتاب ):منشي عطا محمد شڪارپوريءَ جي هيءَ فارسيءَ ۾ لکيل تاريخ، عبدالحي حبيبي افغانيءَ جي تصحيح، حاشين ۽ تعليقات سان، سنڌي ادبي بورڊ، پهريون ڀيرو 1959ع ۾، نئين سنڌ پريس، وڪٽوريا روڊ ڪراچيءَ مان ڇپائي پڌري ڪئي، جنهن جو مهاڳ، مشھور تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ لکيو هو. ڊيمي سائيز واري هن ڪتاب جي قيمت 20 رپيا آهي. هن ڪتاب ۾ ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ تي افغانن جي حملن جو اکين ڏٺو احوال، خاص ڪري ’کرڙيءَ جي جنگ‘ جو تفصيل ڏنل آهي. هيءُ ڪتاب، سنڌ جي تاريخ جو اهم ماخذ آهي. منشي عطا محمد، شاھہ شجاع جي درٻار ۾ منشي هو، ۽ اُن هيءُ ڪتاب شڪارپور ۾ ويهي لکيو.

منشي عطا محمد شڪارپوريءَ جي فارسي ڪتاب ”تاريخ تازہ نواءِ معارڪ“ جو سنڌي زبان ۾ برک شاعر ۽ اديب نياز همايونيءَ ”تازن معرڪن جي تاريخ“ جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندڙ نياز همايونيءَ ڪتاب کي وڌيڪ آسان ڪرڻ لاءِ اُن ۾ ڪيترا اضافا بہ ڪيا آهن. هي ڪتاب اڻويهين صديءَ جي سنڌ- افغان لاڳاپن ۽ انگريزن جي سنڌ تي حاڪميءَ جي ابتدائي مرحلي بابت اهم ماخذ آهي. جيئن تہ ڪتاب جو ليکڪ سنڌ جو رهاڪو هو. هو ڪيترائي سال ٽالپرن، توڙي افغان حڪمرانن سان سنڌ، ڪابل، قنڌار، هرات ۽ پشاور تائين گڏ رهيو هو، ان ڪري هن ڪتاب ۾ گهڻا اکين ڏٺا واقعا بہ قلمبند ٿيل آهن. ڪتاب جي مصنف بابت محققن جا مختلف رايا رهيا آهن، پر هيءَ تصنيف هڪ معياري حيثيت رکي ٿي. هن ڪتاب تي پير حسام الدين راشديءَ جو تاثر بہ لکيل آهي، سنڌي ترجمي جي نظرثاني ڪندڙ، ڊاڪٽر حبيب صديقي جا ٻہ اکر بہ شامل آهن. هي ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ حصي ۾ ڪتاب جو اصل متن، جنهن ۾ نادر شاھہ جي اقتدار ۽ تيمور شاھہ جي پٽ محمد شاھہ جي زوال کان وٺي ميرن جي حڪومت جو ذڪر ۽ ميرن ۽ افغانن جا سياسي واقعا قلمبند ٿيل آهن. ان کان سواءِ انگريزن جي سنڌ تي قبضي، ميرن جي جاگيرن ۽ ملڪيتن جي ضبطين بابت احوال پڻ آهي. حصي ٻئي ۾ تعليقات شامل آهن، جن ۾ سڀني سپھہ سالارن ۽ حڪمرانن جون سوانح عمريون ڏنيون ويون آهن.

آخر ۾ ڪتاب جي ڏسڻي پڻ ڏني وئي آهي. هن ڪتاب ۾ ناياب شجرا پڻ ڏنا ويا آهن، جن ۾: نادر شاھہ افشار، ابدالين جو شجرو، سدوزئي (ابدالي) بادشاهن جو شجرو، ڪلهوڙا خاندان جو شجرو، ٽالپر خاندان جو شجرو، سرهندي پيرن جو شجرو، راشدي پيرن جو شجرو، قلات جي خانن جو شجرو ۽ ڪجهہ ٻيا شجرا ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ 60 جي لڳ ڀڳ ناياب تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن، هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ”تازن معرڪن جي تاريخ“ جي نالي سان 2005ع ۾ شايع ڪرايو آهي. هن ڊيمي سائيز پڪي جلد ۽ 605 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 470 رپيا آهي. مرحوم نياز همايونيءَ هن ڪتاب جو تفصيلي مقدمو لکي، ڪتاب جي اهميت ۾ واڌارو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو