تاريخ جھان ڪشاي جويني

تاريخ جھان ڪشاي جويني (ڪتاب ):هن فارسي ڪتاب جو مؤلف علاءِ الدين عطا ملڪ جويني (623ھہ مطابق 1226ع کان 689 ھہ مطابق 1290ع) آهي. هي هلاڪو خان جي درٻار سان وابستہ هو ۽ بغداد جي تباهيءَ کان پوءِ اتي جو حاڪم مقرر ٿيو. عطا ملڪ جويني پنھنجي تصنيفتاريخ جھان ڪشاي جويني“ کي ٽن جلدن ۾ ورهايو آهي. پهرين جلد ۾ منگولن ۽ چنگيز خان جو ذڪر آهي. ٻئي جلد ۾ خوارزم شاھہ جي تاريخ ۽ ٽئين جلد ۾ ايران جي تاريخ قلمبند آهي. هي ڪتاب لکندي مستند ماخذن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. هيءَ ڪتاب تمام اهم تاريخي دستاويز آهي. هن ۾ تقريباً اکين ڏٺو احوال قلمبند ڪيل آهي. ايغوري ۽ تاتاري لفظن جو فارسي ۾ استعمال سڀ کان پهرين هن ڪتاب ۾ ٿيو آهي. هي ڪتاب عطا ملڪ جويني 659 ھہ بمطابق 1260ع ۾ تاليف ڪيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جو بہ تذڪرو موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو