تاريخ ريگستان جو ڀاڱو ٻيو

تاريخ ريگستان جو ڀاڱو ٻيو

تاريخ ريگستان جو ڀاڱو ٻيو

تاريخ ريگستان جو ڀاڱو ٻيو 22 بابن تي مشتمل آهي. باب پهريون ٿر جي طبعي ڀاڱن، پارڪر جي نالي ضلعي جي نالي، ٿر جي تعليم ۽ يونين ڪائونسلن وغيرہ تي مشتمل آهي. باب ٻئي ۾ ٿر جون ڀٽون، ڀٽن جا نالا، ڀٽ جا ڀاڱا، ڪارونجهر ٽڪري، ريلوي رستا، ٿر جي مسافري وغيرہ ڏنل آهن، باب ٽئين ۾ ٿر جا ننڍا ۽ وڏا وڻ، باب چوٿين ۾ ٿر جي ٻوٽن بابت، باب پنجين ۾ ٿر جي ميون ۽ ولين بابت، باب ڇهين ۾ گاهن جا مختلف قسم، باب ستين ۾ ٿر جي آباد ٿيڻ، اتي جي رهندڙ قومن جي آدمشماري، ٿر جي ٻولي وغيره، باب اٺين ۾ ٿر جي ڳوٺن، انهن جي نالن، وانڍين، گهرو سامان، گهرو مشغولين وغيرہ جو ذڪر ڪيل آهي. باب نائين ۾ پنچائتن، قومي اڳواڻن، رسمن رواجن، شاديءَ جي رسمن، اولاد کي پالڻ وغيره، باب ڏهين ۾ ٿر جي برسات بابت اڳڪٿين، برسات وارن سنوڻن، تراين ۽ تلائن وغيره، باب يارهين ۾ ٿر جي کوهن، زمين جي مٿاڇري ۽ اونهائي، پاڻيءَ جي قسمن ۽ پاڻيءَ جي ڀرڻ وغيرہ بابت، باب ٻارهين ۾ ٿر جي روينيو سرشتي، پوک ۽ پيدائش، هارپي جي طريقي، سنڀال ۽ اپت وغيرہ جو سڄو احوال، باب تيرهين ۾ ٿر جي مالوند ماڻهن، جانورن، وٿاڻن، مال جي سنڀار، سڃاڻپ، چوري، پيرين، بيمارين ۽ علاج وغيره، باب چوڏهين ۾ ٿر جي پکين، گهرو پکين، جهنگلي پکين، جيتن (سرندڙ/ اڏامندڙ) وغيرہ بابت، باب پندرهين ۾ ٿر جي کاڌ خوراڪ، ڏُٿ، پوشاڪ، زيور ۽ مهمان نوازي وغيره، باب سورهين ۾ ٿر جي ڪاروبار، هنر، معدنيات، ڪارخانن، آمدني ۽ قرضن وغيرہ جو ذڪر ڪيل آهي. باب سترهين ۾ ٿر جي ڪچهري، بيتن، ڪافين، سگهڙن، ڳجهارتن، نشن، مال جي نالن وغيرہ جو احوال آهي. باب ارڙهين ۾ ٿر جي ميلن، راندين ۽ شڪارن وغيره، باب اوڻيهين ۾ ٿر جي لوڪ ادب وغيرہ جو بيان، باب ويهين ۾ مقامن، مساڻن، ڀوپن، جهاڙن، ڦيڻن، ٽاڻن، بيمارين جي علاج وغيرہ ۽ باب ايڪيهين ۾ هندو مسلم اتحاد، راڄوڻي فيصلن، مسجدن، مندرن، ماپ ۽ تور جي اوزارن وغيرہ جو احوال شامل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ غلام محمد گرامي ۽ مقدمو محبوب علي چنا لکيو. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1956ع، ٻيو ڇاپو 1975ع ۾، ٽيون ڇاپو 1988ع ۾ ۽ چوٿون ڇاپو 2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري ڇاپي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو