تاريخ سنڌ13 (ڪتاب ):علامہ سيد سليمان ندويءَ جي ڪتاب ”تاريخ سندھہ“ جي هي سنڌي ترجمو محمد اسماعيل پٺاڻ ڪيو آهي. ڊيمي سائيز 225 صفحن تي مشتمل، ديدہ زيب ٽائيٽل وارو هي ڪتاب، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جو ملھہ 200 رپيا آهي. هي ڪتاب ننڍي کنڊ جي وڏي عالم علامہ سيد سليمان ندويءَ جي ڪتاب ”عرب و هند ڪي تعلقات“ کان پوءِ ٻيو اهم ڪتاب آهي، جنهن جا نو 09) باب آهن. سيد سليمان ندويءَ پنھنجي پيش لفظ ۾ لکيو آهي تہ: ”سنڌ جي تاريخ ان حيثيت کان بہ اهم آهي، جو مسلمانن جو پهريون قافلو سنڌ ۾ ئي لٿو هو ۽ سندن پهرين حڪومت قائم ٿي هئي.... جنهن جا اثر سنڌ جي چپي چپي تي اڄ بہ ظاهر آهن“. ڪتاب جو پهريون باب ”مقدمي“ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي نالي، سرحدن، موجودہ حدن، ايراضي، طبعي بيهڪ، آبادي، سنڌو درياھہ ۽ ان جي وهڪرن، بندرن، واپار، جبلن، ڍنڍن، موسمن، پيداوار، معدنيات، نسل ۽ ٻولي بابت تفصيل شامل آهن. ٻئي باب ۾ غير مسلم راڄ وقت سنڌ جون حدون، انتظامي ورهاست، ايراني حملن، راجا چچ ڏاهر، ڏهر سينه، عربن جي آمد، سندن جملن، سنڌ جي فتح ۽ وليد بن عبدالملڪ جي زماني ۽ نيرن جي ڪوٽ جو ذڪر آهي. ٽئين باب ۾ محمد بن قاسم جي آمد، ديبل، نيرون ڪوٽ، سيو ستان وغيرہ جي فتح، ڏاهر وٽ عربن جي وفد جي آمد، ڏاهر سان جنگ کان وٺي برهمڻ آباد جي فتح، راڻي لاڏي، ملتان جي فتح، محمد بن قاسم جي موت کان وٺي عمر هباري سنڌ جي حاڪم تائين جو ذڪر موجود آهي. باب چوٿين ۾ هبارين جي حڪومت، باب پنجين ۾ اسماعيلي سلطنت، باب ڇهين ۾ سومرن جي بادشاھہ، باب ستين ۾ سنڌ جي تمدني تاريخ، باب اٺين ۾ سنڌ جي عالمن ۽ شاعرن، مدرسن ۽ ٻوليءَ جو ذڪر ۽ باب نائين ۾ سنڌ ۾ رفاهي ڪمن، ٽپال، عام انتظامي حالتن، آمدنيءَ جي ذريعن، سڪن، جنگي اوزارن، فوجي نظام، ٽيڪس، مذهبي آزادي وغيرہ جو تفصيل آهي. ڪتاب جي ضميمي ۾ هند ۽ ان جي شهرن جو ذڪر ۽ آخر ۾ ڪتابيات (Bibliography) شامل آهي، هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو اهم ماخذ آهي.