تاريخ طاهري

تاريخ طاهري

تاريخ طاهري

تاريخ طاهري (ڪتاب ):تاريخ طاهريءَ جو مصنف مير طاهر محمد ولد سيد حسين نسياني، اصل ٺٽي جو رهاڪو هو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ سندس خاندان هلنديءَ وارو هو ۽ ٺٽي ۾ اچي مولانا اسحاق وٽ تعليم ورتائين. طاهر محمد جو اصل نالو عمر شاھہ هو ۽ سندس مامو دائود سهتو، درٻيلي پرڳڻي جو وڏو نالي وارو سردار هو. همايون بادشاھہ جڏهن هندستان مان نڪري سنڌ ۾ آيو هو تہ درٻيلي ۾ قيام وقت، عمر شاھہ سهتي سندس گهڻي مدد ڪئي. همايونءَ خوش ٿي کيس پروانو لکي ڏنو ته، ”آءٌ وري بادشاھہ ٿيس تہ درٻيلي جو سارو علائقو تنھنجي حوالي ڪندس.“ همايون جڏهن بادشاھہ ٿيو تڏهن هي فرمان جاري ڪيائين تہ: ”آءُ همايون بادشاھہ، درٻيلي جو پرڳڻو ارباب دائود ولد عمر شاھہ سهتي ۽ سندس اولاد کي بخشش ۾ ڏيان ٿو“. عمر شاھہ جي فوت ٿيڻ بعد بکر جي حاڪم محمود خان ڪوڪلتاش، ميرزا شاھہ حسن جي حڪم تي عمر شاھہ سهتي جي ٻنهي پٽن کي مارائي ڇڏيو. عمر شاھہ کي جيئري کل ۾ سبائي بکر جي قلعي تان درياھہ ۾ اڇلايائين ۽ پٽ جي کل لهرائي بُھہ سان ڀرائي، مرزا شاھہ حسن ارغون ڏانهن، ٺٽي موڪلي ڏنائين. اهڙي ظلم سبب سهتن جا ڪجهہ خاندان پنھنجي وطن سنڌ مان لڏي، احمد آباد ۾ وڃي مقيم ٿيا. طاهر محمد پنھنجي تاريخ ۾ عمر شاھہ کي ”ڄام“ جي لقب سان ياد ڪيو آهي. طاهر محمد پنھنجي حياتيءَ جو ڪافي وقت پنھنجي ناناڻي ملڪ يعني ساهتيءَ جي شھر درٻيلي ۾ گذاريو. کيس سنڌ جو ”حاجي بابا“ ڪري چوندا هئا. پاڻ ”نسيانيءَ“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي. هن سنڌ جي قصن ۽ ڪهاڻين کي ڪتابي صورت ۾ ’نسيانيءَ‘ جي نالي سان لکيو جيڪو ڪتاب نظم ۾ 254 صفحن تي مشتمل آهي.


لفظ تاريخ طاهريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو