تاريخ فرشته (ڪتاب ):هن تاريخ جي ڪتاب کي ”گلشن ابراهيمي“ بہ سڏجي ٿو. هيءَ تاريخ محمد قاسم استر آباديءَ جي فارسيءَ ۾ تصنيف آهي، جيڪا ”فرشته“ جي نالي سان مشھور آهي. هيءَ هندستان جي مفصل تاريخ آهي ۽ پنھنجي موضوع تي هڪ معتبر ڪتاب جو درجو رکي ٿي. مؤلف، هن ڪتاب کي پهرين مرتضيٰ نظام شاھہ جي نالي منسوب ڪيو هو، بعد ۾ ابراهيم عادل شاھہ ثانيءَ جي وزير، دلاور خان، جي دعوت تي ڪانپور ويو ۽ مؤلف ابراهيم عادل شاھہ جي نبست ڪري، پنھنجي ڪتاب جو نالو ”گلشن ابراهيمي“ رکيائين. هيءَ تاليف بظاهر 1015ھہ/1606ع ۾ تڪميل تي پهتي ۽ 1831- 1832ع ۾ غالباً پهريون دفعو بمبئيءَ ۾ ڇپي. هن جو انگريزي ترجمو 1829ع ۾ لنڊن مان ۽ 1908ع ۽ 1910ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ٿيو.