تاريخ مٽياري

تاريخ مٽياري

تاريخ مٽياري

تاريخ مٽياري (ڪتاب ):هن ڪتاب جو ليکڪ مقصود احمد قاضي آهي، ڪتاب جو انتساب ليکڪ پنھنجي والد سيف الدين قاضيءَ ۽ پنھنجي والدہ زيب النساءِ جي نالي ڪيو آهي. ڪتاب ۾ مختلف موضوع آهن، جن ۾ مٽياريءَ جي اجمالي تاريخ، متعلوي ساداتن جا مشھور پاڙا، مٽياريءَ جا سادات، مشاهير، قاضي گهراڻا، شيخ نور محمد جو خاندان، ميمڻن ۽ شيخن جا شجرا ڊاسوڙي ميمڻن جو گهراڻو، متفرقه شخصيتن جو بيان، موجودہ دور جون متفرقه ادبي، صحافتي ۽ سماجي شخصيتون، متفرقه شجرا، خلافت تحريڪ ۾ مٽياريءَ جو حصو، ڪجهہ مشھور مسجدون، انگريزن جي تعليمي نظام جا ڪجهہ مشھور استاد، ڪجهہ معروف ڊاڪٽر، لائبريريون، فن ۽ فنڪار، ثقافتي اهڃاڻ، مسجدن، درگاهن ۽ شخصيتن جا فوٽو ۽ نقشا ڏنل آهن. هي ڪتاب علمي ادبي اشاعت گهر مٽياريءَ پاران 2006ع ۾ ڇپرايو ويو. ڊيمي سائيز ۾ 416 صفحن تي مشتمل پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 350 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو