تاريخ نوابين بکر (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخي ماخذن جي سلسلي ۾ نهايت ئي اهم ماخذ آهي. هن ڪتاب جو مولف ميان بيگ محمد ”نامي“ ولد ميان زندہ علي بيگ آهي. مؤلف جي زندگيءَ جي باري ڪوبه مستند احوال ملي نہ سگهيو آهي. البت سندس تاليف ڪيل ڪتاب ۾ ڪيترين جاين تي اهڙا مبهم اشارا ملن ٿا، جن مان اهو معلوم ٿئي ٿو تہ هن جو ارغون يا ترخان گهراڻي سان تعلق هو ۽ سندس سنڌ جي حڪمرانن سان ويجها تعلقات هئا. ساڳئي وقت هو پاڻ بکر سرڪار ۾ ڪن اهم عهدن تي فائز هو ۽ ڪيترين ئي جنگين ۽ مهمن ۾ حصو ورتو هئائين.هن قلمي نسخي جي آخر ۾ ڪاتب پنهنجو نالو هن ريت ڄاڻايو آهي:”تمت تمام شد کارمن نظام شد و خانہ شيطان خراب شد، تحرير تاريخ 2-جمادي الاول 1115ھہ/ 1 آڪٽوبر 1703ع فقير محمد بقا ولد بيگ محمد مرقوم شد.“مٿينءَ عبارت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تہ هن قلمي نسخي جو ڪاتب ميان بيگ محمد جو فرزند ميان محمد بقا هو.هُن هيءُ نسخو سن 1115ھہ/1703ع ۾ اصل نسخي تان نقل ڪيو هو. هيءُ قلمي نسخو فارسيءَ جي شڪستہ خط ۾ لکيل آهي. ۽ اڃا تائين قلمي صورت ۾ موجود آهي.