تاريخ نگاري

تاريخ نگاري: تاريخ نگاري هڪ جديد فن آهي، جنهن ۾ مورخ، انساني سرگرمين کي قلم بند ڪري ۽ ان مان صحيح نتيجا اخذ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. انساني تجربي جي مطالعي کي هڪ ناگريز ۽ فطري عمل قرار ڏيڻ ۽ تاريخ کي سائنٽيفڪ نقطئه نظر سان جاچڻ جي تصور ارڙهين صديءَ جي آخر ۽ اوڻيهين صديءَ جي ابتدا ۾ زور ورتو. ارڙهين صدي کان پهرين ڪنهن به تهذيب ۾ تاريخ نگاريءَ کي اهم مقام حاصل نه هو. ۽ نه باقاعدي تعليم جو حصو سمجهي ويندي هئي ۽ نه انساني زندگيءَ جي تشريح ۽ تفسير جي حيثيت ۾ ڪو مقصد هو. هي ڪم مذهب، فلسفي، ڊرامي ۽ شاعريءَ جي حدن ۾ ايندو هو. ارسطو پنهنجي تصنيف ”شعريات“ ۾ تاريخ کي محض ان ڪري ناقابل اعتبار قرار ڏنو آهي، جو ان ۾ صرف مخصوص واقعن جو ئي ذڪر ٿيندو آهي ۽ ڊرامي وانگر هڪ مربوط پلاٽ جي وسيلي ڪنهن عام صداقت جو اظهار نه ٿو ڪيو وڃي. 1. مغربي روايت: ديم تاريخ نگاري: قديم تاريخ، ادب جو ئي هڪ حصو سمجهي ويندي هئي. پنجين صدي ق.م ۾ قديم دور جا ٻه انتهائي اهم مورخ يونان جا هيروٽوڊس (Herodotus) ۽ ٿيسيڊائڊس (Thycydides) ٿي گذريا آهن. کانئن پوءِ اتي ڪو ٻيو ايڏو وڏو مورخ پيدا ٿي نه سگهيو. قديم زماني جي تاريخ نگاريءَ جو صحيح اندازو ان ڪري به ڏکيو آهي، جو پولي يس (Polyius)، لي وي (Live) ۽ طيسي طس (Tacitus) جهڙن مشهور مؤرخن جون تصنيفون يا ته سڀ جون سڀ ضايع ٿي چڪيون آهن يا انهن جا صرف ڪي حصا ئي دستياب ٿي سگهيا آهن. يوناني تاريخ نگاري جي واڌ ويجهه گهڻو ڪري ايوني (Ionian) فلسفين جي ڪري ئي ٿي. هيروڊوٽس (Herodotus) باوجود روايت پرستيءَ جي پنهنجي تصنيف کي ”تفتيش“ (Historia) جو ئي نالو ڏنو هو. هن کي دنيا گهمڻ جو شوق هو. هن ايران جي وسيع سلطنت جي چپي چپي تي تحقيق ڪئي ۽ اتي جي رهاڪن جي عادتن، طور طريقن، رسمن ۽ رواجن جو گهريءَ نظر سان مطالعو ڪيو هو. يونان جي مؤرخن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته انهن واقعي ۽ افساني ۾ فرق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن ۾ سڀ کان وڏو مورخ ٿيسيڊائڊس هو، جنهن پلي پونيشي جنگ جا واقعا قلم بند ڪيا. هيروڊوٽس پنجين صدي ق.م ۾ ايرانين جي خلاف يونان جي ڪامياب مقابلن کي پنهنجو موضوع بنايو. ظاهر آهي ته هي موضوع محدود قسم جا هئا ۽ انهن مؤرخن جي ئي زماني سان تعلق رکندا هئا. ان ڪري انهن جي بيان ۾ هڪ ڊرامائي ڪيفيت شامل آهي ۽ اهي ادبي شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. ابتدائي مسيحي تاريخ نگاري: چوٿين صدي عيسويءَ دوران رومن سلطنت ۾ عيسائيت جي فروغ جي ڪري تاريخ نگاريءَ جي هڪ اهڙي قسم کي ترقي ملي، جيڪو يونان ۽ روم جي غير ترقي يافته (Pagan) تاريخ نگاريءَ کان بلڪل جدا هو، ابتدائي مسيحي تاريخ نگاريءَ جو سرچشمو يهوديت هو. قديم ماڻهن ۾ رڳو يهودين وٽ ئي پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪرڻ مذهبي فرض ۾ شامل هو. عيسائين ”عهدنامه عتيق“ کي جيئن جو تيئن قبول ڪري ورتو. ان کانسواءِ انهن پنهنجي طرفان مقدس تاريخ جي گهڻن ئي حصن ۾ اضافو ڪيو. حضرت عيسيٰ جو قصو جنهن جي ولادت متعلق ”عهدنامه عتيق“ ۾ پيشن گوئي ڪئي وئي هئي، هڪ عرصي تائين عيسائي مؤرخن جي ڌيان جو مرڪز رهيو. عالمي تاريخ جو تصور عيسائيت کان پهرين به موجود هو، پر عيسائي مؤرخن ان کي پهريون دفعو مؤثر طريقي سان استعمال ڪيو. چوٿين ۽ پنجين صديءَ جي عيسائي مـــؤرخن کــي پنهنجي زماني جي تاريخ سان دلچسپي نه هئي. هن ئي دور جي لاطيني ڪليسا جي سڀ کان قدآور شخصيت سينٽ اگسٽائن جي هئي. جنهن پنهنجي مشهور تصنيف ”خدا جي شهر“ (City of God) ۾ جيڪي تاريخي اهڃاڻ پيش ڪيا آهن، تن جو مقصد اهو ٻڌائڻ هو ته غير عيسائي معاشرو ڪيڏو نه تباهي جي حالت ۾ آهي. اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ جي تاريخ نگاري: اوڻيهين صديءَ جي ابتدا کان ئي تاريخ نگاريءَ ۾ وڏيون اهم تبديليون ٿيڻ لڳيون. ان جو اظهار سڀ کان پهرين ۽ چٽو جرمن مؤرخن جي تحريرن ۾ ملي ٿو. اهو گهڻو ڪري انقلاب فرانس ۽ پوءِ جرمنيءَ جي نپولين جي اقتدار هيٺ اچڻ جو رد عمل هو. 1815ع کان پوءِ يورپ ۾ اهي پابنديون باقي نه رهيون، جيڪي نيپولين جي دور تائين دانشور طبقي تي مڙهيل هيون. ذهني آزاديءَ جي انهيءَ ماحول ۾ چارلس ڊارون جي جڳ مشهور تصنيف ”Origin of Species“ 1859ع ۾ منظر عام تي آئي، جنهن انساني فڪر ۽ ارتقا جي نظريي ۾ هڪ انقلاب پيدا ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ تاريخ نگاريءَ متعلق حڪومتن کانسواءِ خود ڪليسا جي رويي ۾ به رواداريءَ جو رجحان پيدا ٿيڻ لڳو ۽ مؤرخ حڪومتي ادارن جي دستاويزن کانسواءِ بيانيه ماخذن مخطوطن، ڪتابن، آثار قديمه، جاگرافيائي معلومات، سڪا، سَندُون ۽ ٻين مشاهدن مان فائدو وٺڻ لڳا. چارلس لانگ لوئس (Lang lois) ۽ چارلس سائينوبوس (Scignobos) جي مشهور تصنيف ”مقدمه مطالعه تاريخ“ کان سواءِ فرينچ مورخ فرڊينڊلات جي تحريرن به تاريخ نگاريءَ جون نيون راهون کوليون. هن سلسلي ۾ جرمنيءَ جي هڪ وڏي مؤرخ ليوپولڊن فان رانڪي جو تذڪرو پڻ ناياب آهي. 19هين صديءَ جي جديد تاريخ نگار گهڻو ڪري جرمنيءَ جا رهاڪو هئا، خاص طور هرڊر تاريخ کي هڪ نئون رخ ڏنو. جنهن جو خيال هو ته تاريخ انساني ذهن جي رفتار جو سرسري جائزو وٺڻ جو نالو نه آهي، پر گذريل واقعن کي نئين سر ترتيب ڏيڻ ۽ گم ٿيل ڪڙين کي ملائڻ تاريخ جو سڀ کان وڏو فرض آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته سڀئي ملڪ ۽ سڀئي زمانه تاريخ جي نظر ۾ قابل احترام ۽ اهم ٿين ٿا. (2.) مشرقي روايت: مسلم تاريخ نگاري: مغرب وانگر مشرق ۾ به تاريخ نگاري ماضيءَ ۾ موجود نه هئي، پر مذهبي تقاضائن هيٺ ان جي پيش رفت ٿي هئي، جيئن اسلام جي اچڻ وارين شروعاتي صدين مان ظاهر ٿئي ٿو. اسلامي تاريخ نگاريءَ تي ابتدا ۾ يورپي اثر اڻ لکو هو. اوڻيهين صديءَ تائين مسلمان مؤرخ عيسائي ماخذن کي نه ڏسندا هئا ۽ عيسائي ملڪن جي واقعن کي ته تقريباً نظر انداز ڪيو ويندو هو، پر ايشيا جي رهاڪن سان کين دلچسپي هئي. مسلمانن جي ادبي ڪارنامن جو هڪ وڏو حصو تاريخ نگاريءَ تي مشتمل آهي. تاريخ نگاري جي جيڪا روايت ايران ۾ قائم ٿي هئي، ان جي ابتدا عرب، شام، ترڪيءَ ۽ هندستان ۾ به ڪئي وئي. اسلام کان اڳ عربن ۾ تاريخ نگاريءَ جو رواج نه هو ۽ قديم يهودين وانگر مسلمانن ۾ به تاريخ نگاريءَ جو رواج مذهب جي اثر هيٺ پيو. قديم قبائلي روايتن کي گڏ ڪري ترتيب ڏيڻ ۽ ان جي تشريح جو ڪارنامو ٻي صدي هجريءَ ۾ ابوعبيده سرانجام ڏنو. حشام بن محمد الڪلبيءَ جو نالو به هن ڏس ۾ ڪافي اهميت رکي ٿو. عربي زبان ۾ علمي تاريخ نويسيءَ جي ابتدا پاڻ سڳورن جي سيرت ۽ ان جي سرگرمين جي مطالعي سان وابسته آهي. پاڻ سڳورن جي اهڙي تعليمات، جنهن جو تذڪرو قرآن مجيد ۾ نه هو، سندن رحلت کان پوءِ تصديق ٿيل روايتن ذريعي قلمبند ڪئي وئي ۽ پيغمبر اسلام جي سمورن قولن ۽ اعمالن کي حديثن جي صورت ۾ قلمبند ڪيو ويو. ڊاڪٽر مبارڪ علي لکي ٿو ته: عام طرح دنيا جي تاريخ کي جاگرافيائيءَ خيال کان ورهايو پئي ويو آهي، مثال طور: انگلستان، فرانس ۽ افريقيءَ ملڪن جي تاريخ وغيره، پر جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ مختلف قومن حڪومت ڪئي آهي ته ان جي تاريخ ان ملڪ جي تاريخ جو هڪ حصو ٿيندي. ڪنهن ملڪ جي تاريخ معرڪن جو جامع مجموعو هوندي آهي، جن ۾ ان ملڪ جي رهندڙ قومن، مذهبن ۽ ڌار ڌار ثقافتون ۽ تهذيبون اچي وڃن ٿيون. ڊاڪٽر مبارڪ لکيو آهي ته: دنيا جي ٻين حصن ۽ ملڪن جي تاريخ کي مذهب سان جوڙيو نه ويو آهي، مثال طور: عيسائيءَ تاريخ جي نالي سان ڪا شيءِ نه آهي، يورپ ۾ عيسائين جي گهڻائي آهي، پر يورپ جي هر ملڪ جي تاريخ ان ملڪ جي نالي سان موجود آهي يا وري يورپ جي هڪ تاريخ آهي، رڳو مسلمانن تاريخ کي مذهب سان وابسـته ڪـري ان کـي ”اسلامي تاريخ“ يا ”مسلمانن جي تاريخ“ سڏيو آهي، ان ڪري انهن اصطلاحن اســان جــي تاريخـدانـن کـــي منجهائي وڌو آهي. ان ڪري ان مونجهاري جو علاج اهو آهي ته تاريخ کي جاگرافيائي نالن سان ورهايو وڃي. مثال طور هندوستان جي تاريخ کي مذهبن يا نسلن ۾ ورهائڻ بدران ان کي مجموعي ۽ تسلسل سان لکيو وڃي، ڇو ته مذهب جي بنياد تي تاريخ لکڻ سان تاريخ ۾ فرقيواريت جو رواج پوندو. ڊاڪٽر مبارڪ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ ۽ فرقيواريت“ ۾ لکي ٿو ته: برصغير ۾ تاريخ منڍ کان وٺي الميي جو شڪار رهي آهي، ڇو ته ان ۾ حڪمرانن جي شان ۽ شوڪت ۽ عظمت کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ عوام جي زندگيءَ ۽ سندن ڪردارن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. قديم هند ۽ سنڌ ۾ تاريخ لکڻ جو باقاعدي رواج نه هو، حڪمرانن جا شجرا ۽ ڪارناما ڀٽ ۽ چارڻ سيني به سيني ياد رکندا هئا، جيڪي گهڻو ڪري منظوم هئا. سنڌ ۾ سمن ۽ سومرن دور جون ”ڳاهون“ دودي سومري جو داستان وغيره ڀٽن ۽ چارڻن ذريعي تاريخ جو صدري ذخيرو بڻيو. مسلمان حاڪمن برصغير ۾ اچي درٻاري مورخن ذريعي تاريخون لکرايون، جنهن ڪري انهن تاريخن ۾ ڪٽرپڻي، هندو دشمني ۽ مقامي ماڻهن سان ٻيائيءَ جا جذبا ڀريل رهيا، چچ نامو، تاريخ فرشته وغيره ان جا مثال آهن. مغليه دور جي تاريخدانن وٽ به ساڳيو رواج ملي ٿو.برطانوي دور ۾ جڏهن هندن ۾ جاڳرتا پيدا ٿي ته انهن جي تاريخدانن قديم ماخذن کي اٿلايو ۽ ماضيءَ جي شاندار روايتن سان گڏ مسلمانن جي ظلمن جو ذڪر ٿيڻ لڳو. نتيجي ۾ مسلمان مورخن مسلمان حاڪمن جي دفاع ۾ تاريخون لکڻ شروع ڪيون، پر انگريز دور جي تاريخدانن هندو مسلم تعصب کان مٿانهون ٿي تاريخ نويسيءَ جي ابتدا ڪئي ۽ اهڙن تاريخ دانن کي وساري نه ٿو سگهجي.برصغير هندوپاڪ ۾ تاريخ نگاري جي ابتدا مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ ٿي. هتي جي ابتدائي دور ۾ مسلمان مورخن تاريخ ۾ الهياتي نظريي کي اختيار ڪيو. مختلف سلاطين ۽ مغل بادشاهن جي دور جا اڪثر مورخ جيئن ته مذهبي عالم ۽ فقيهه هئا، انهيءَ ڪري انهن بادشاهن، اميرن وزيرن ۽ اهم شخصيتن جي عمل ۽ ڪردار کي مذهبي نقطئه نظر سان ڏٺو ۽ انهن جي صرف تعريف ڪندا هئا، جن کي هو مذهب جو پابند سمجهندا هئا ۽ جيڪي حڪمران انهن جي ويجهو شريعت جا پابند نه هئا، انهن جي ڪردار ۽ طرز حڪومت ۾ انهن کي سواءِ برائي جي ڪجهه به نظر نه ايندو هو. انهيءَ ڪري ضياءُ الدين برني علاوالدين خلجي ۽ محمد تغلق تي سخت تنقيد ڪئي ۽ عبدالقادر بدايوني اڪبر جي اعمالن تي سخت گرفت ڪئي، جڏهن ته التتمش، ناصر الدين محمود، بلبن، فيروز شاهه تغلق ۽ اورنگزيب نيڪ و خدا ترس ۽ صالح مسلمان قرار ڏنا ويا، پر جيئن ته هنن مورخن جو تعلق درٻار سان هوندو هو، انهيءَ ڪري انهن جو تاريخ ۾ تذڪرو خوشامدانه انداز ۾ آهي. انهيءَ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هي تاريخون صرف واقعات جي هڪ رخ کي پيش ڪن ٿيون. مغليه دور جي آخري دور ۾ تاريخ نگاري ۾ انتهائي اهم تبديليون آيون، ڇو ته هن دور ۾ مغل درٻار جي طاقت ۽ اهميت ڪمزور ٿي چڪي هئي ۽ جيڪي مورخ درٻاري ملازم هئا، ملازمتون کسجڻ کان پوءِ تاريخ جا واقعات ۽ حالات ذهني آزادي هجڻ سبب بلڪل صحيح قلمبند ٿيڻ لڳا. مورخن تاريخ ۾ حقيقتن کي قلمبند ڪرڻ شروع ڪيو، انهيءَ جي جهلڪ اسان کي انهيءَ عهد جي تاريخ نگاري ۾ ملي ٿي. تاريخ نگاري ۾ هڪ وڏي اهم تبديلي برطانوي اقتدار ۾ آئي، انهن پنهنجن خاص مفادن کي مد نظر رکندي تاريخ کي نئين نموني لکيو، انهن جو مقصد هو ته برصغير ۾ برطانوي اقتدار کي صحيح ۽ جائز ثابت ڪرڻ لاءِ تاريخ کان مدد ورتي وڃي ۽ ان مقصد کي سامهون رکي انهن برصغير هندو پاڪ جي ماضي جي تاريڪ تصوير پيش ڪري اهو ثابت ڪيو ته عالمي تهذيبن جي مقابلي ۾ هندو پاڪ جي ڪا به اهيمت نه آهي ۽ تاريخ کي هندو ۽ مسلم دورن ۾ ورهائي تاريخ ۾ فرقي وارانه ۽ مذهبي نقطئه نظر کي زوريءَ داخل ڪيو، هتي جي قومن کي نسلي، مذهبي ۽ جغرافيائي لحاظ کان ورهائي انهن ۾ اختلاف پيدا ڪيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو