تاريخ گوئي

تاريخ گوئي: علم بديع جي اصطلاح ۾ تاريخ گوئي، انھيءَ نظم کي چئبو آهي، جنھن جي ڪنھن لفظ، جملي يا مصرع مان، ابجد وارن حرفن جي مدد سان ڪنھن واقعي (جھڙوڪ رحلت، پيدائش، شادي، تعمير ۽ تصنيف) جو سال ڪڍجي. ابجد واري حساب تي حرفن جا ڪي عدد مقرر ڪيل آهن، جيڪي هيٺين ريت آهن: ا ب ج د ھہ و ز ح ط ي 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 ڪ ل م ن س ع ف ص ق ر 20 30 40 50 60 70 80 90 100 200 ش ت ث خ ذ ض ظ غ 300 400 500 600 700 800 900 1000 مٿي ڏنل حرفن کانسواءِ ٻيا ڪيترائي حرف سنڌي زبان ۾ رائج آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. مثلاً: (1) ٻ، پ ۽ ڀ جا 2 عدد ’ب‘ وانگر. (2) ٽ، ٺ ۽ ٿ جا 400 عدد ’ت‘ وانگر. (3) چ، ڃ، ڇ ۽ جهه جا 3 عدد ’ج‘ وانگر. (4) ڌ، ڏ، ڊ ۽ ڍ جا 4 عدد ’د‘ وانگر. (5) ڙ جا 200 عدد ’ر‘ وانگر (6) ک، گ، ڳ، ڱ ۽ گهہ جا 20 عدد ’ڪ‘ وانگر. (7) ڦ جا 80 عدد ’ف‘ وانگر. (8) ڻ جا 50 عدد ’ن‘ وانگر تاريخ گوئيءَ جي فن ۾ مادہ تاريخ ڪڍڻ جا ڪيترائي قسم آھن جن مان اھم هي آهن. تاريخ صوري: يعني ڪنھن واقعي جي تاريخ صاف صاف لفظن ۾ عدد شمار ڪرڻ کي ”صوري تاريخ“ چئجي ٿو. عيسوي تاريخ صوري لئي ٻڌم ٻن هزارن پنج جو ڪر انتخاب (2005ع) ’ٻن هزارن پنج‘ کي انگن ۾ لکڻ سان 2005گهربل سال حاصل ٿيندو. تاريخ معنوي: ڪنھن واقعي جي تاريخ، حرفن يا لفظن جي مجموعي مان ابجد ذريعي حاصل ڪرڻ کي ”تاريخ معنوي“ چئبو آهي. مثلاً: لطف سان حق جي ڇپي ظاهر ٿيو ”زيبده منظور رب“ سيفي ڪتاب 1426 ھہ ”زيبده منظور رب“ جي هر هڪ حرف جا ابجدي انگ جمع ڪرڻ سان گهربل سن حاصل ٿيندو. تاريخ مفرد: يعني ڪنھن هڪ حرف جي عدد جمل مان تاريخ نڪري، جھڙوڪ: عنبر حبشي تي مير علي مراد خان ٽالپر ڪاوڙيو، جنھن تي ڪنھن شاعر هي تاريخ چئي: ”حائي“ حبشي جا عدد بس اَٺ وٺي ٽي دفعا اڌ اڌ ڪري سي ڪم ڪريو ”ح“ جا عدد اٺ آهن، ان کي اڌ ڪبو تہ 4 عدد ٿيندا، وري ان کي اڌ ڪبو تہ 2 عدد ٿيندا، وري ٽيون دفعو ان کي اڌ ڪبو تہ 1 عدد ٿيندو. هاڻي انھن چئني انگن کي هڪ سٽ ۾ لکبو تہ سال ”1248“هجري نڪرندو. تاريخ مرڪب: اها تاريخ جيڪا هڪ لفظ يا ٻين ڪيترن گڏيل لفظن مان نڪري. جھڙوڪ سيد ثابت علي شاھہ، مير فتح علي خان ٽالپر جي تاريخ وفات ۽ تاريخ مرقد هڪ ئي مصرع ۾ چئي آهي. ”مکين قصر بھشت“ و ”مڪان بھشتي قصر“ 1217 ھہ (تاريخ، وفات) (1218ھہ تاريخ مرقد) تاريخ منثور: يعني اها تاريخ جيڪاڪنھن نثر جي فقري مان نڪري ان کي منثور تاريخ چئبو آهي جھڙوڪ: ”مرحوم بھشت جي ”باغ والا شان“ ۾ وڃي مقيم ٿيو.“ 1392ھہ تاريخ منظوم: اُها تاريخ جيڪا هڪ مصرع يا سالم شعر مان نڪري ان کي منظوم تاريخ چئبو آهي جھڙوڪ: ”معتمد شاهڪار ثابت جو“ 980ع تاريخ تعميه: هي تعبيه جو هم معنيٰ لفظ آهي. مادہ تاريخ جا عدد پورا نہ ھجڻ جي صورت ۾ ان کي مناسب لفظن جي عددن سان پورو ڪرڻ کي تعميه چئبو آھي. جيئن سنہ 1320ھہ ميرزا قاسم علي بيگ جي شيرين سخنيءَ تي ميرزا ٻڍل بيگ قطعه تاريخ چئي. ”پيڪ شيرين سخن“ مان سن سر حاسد ڪپي برابر ڪر ”پيڪ شيرين سخن“ جا عدد 1312 آهن، تنھن ۾ حاسد جي ”ح“ جا 8 عدد جوڙ ڪبا تہ گهربل سال 1320ھہ نڪرندو. حضرت امام حسين عليہ السلام جي سال ولادت ۽ سال شھادت جي تاريخ سڪندر علي ميرزا ’جرار‘ هيئن ڪڍي آهي: عيان ٿي دال مان ”دين“ جي ولادتِ شبير بچيل حروف مان ظاهر شھادتِ شبير يعني ولادت جو سال ”د“ برابر سنہ 4 هجري ۽ شھادت جو سال ”ين“ برابر 60 هجري جي آهي. تاريخ تخرجه: مادہ تاريخ ۾ عددن جي گهڻائي کي مناسب لفظن سان گهٽ ڪرڻ کي تخرجه چئبو آھي. جھڙوڪ: حضرت امام حسين عليہ السلام جي شھادت جي تاريختخرجه“ مان منقوط ۽ غير منقوط سڪندر علي ميرزا جرار هيئن ڪڍي آهي: سرِ حسين جدا ٿيو خرد چئي روئي حروفِ بي نقط و نقطدار ۾ تاريخ يعني حسين جي ”ح“ ڪڍي، ”س“ مان تاريخ بي نقط برابر 60 هجري ۽ ”ين“ مان تاريخ نقطدار برابر سن 60 هجري نڪري ٿو. ان کانسواءِ حضرت محمد مصطفيٰ صلي عليہ وسلم جن جي رحلت جي تاريخ ھيئن چئي آھي. تعميه ۾ چئي خرد تاريخ ڪئي محمد زماني مان رحلت 103-92=11 يعني ”زماني“ جي عددن 103 مان ”محمد“ جا عدد 92 ڪٽبا تہ باقي 11 بچندا جيڪو حضور صلي عليہ وآله وسلم جو سالِ رحلت آهي. 1269ھہ ۾ مير علي مراد خان نئون باغ لڳايو. جنھن جو مادہ تاريخ ميرزا فتح علي بيگ ”ط و ب ا“ مان ڪڍيو. واھہ ڇا جنت نما گلشن ٿيو جا بجا جنھن مان ڏسان طوبا پيو 1269ھہ تاريخ گوئيءَ جو بنياد ايران جي فارسي گو شاعرن وڌو ۽ ان کان پوءِ ان جو برصغير سنڌ ۽ هند ۾ رواج پيو. تاريخ گوئيءَ جي فن ۾ ٺٽي جي قديم فارسي گو شاعرن کي وڏي مھارت حاصل هئي. انهن تاريخ گوئيءَ ۾ نيون نيون صنعتون ايجاد ڪيون، جن جا مثال ”مقالات الشعراء“ ۽ ٻين قلمي نسخن ۾ موجود آهن.


لفظ تاريخ گوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو