
مستنصر حسين تارڙ
تارڙ، مستنصرحسين: اردوءَ جي نامياري ليکڪ ۽ ٽي. وي ڪمپيئر مستنصرحسين تارڙ جو جنم پهرين مارچ 1939ع تي پنجاب جي هڪ ڳوٺ ”جوڪليان“ ۾ ٿيو. هن شروعاتي تعليم ڳوٺ مان ورتي، پر پوءِ لاهور ۾ مقيم ٿيڻ بعد ’مشن هاءِ اسڪول‘ ۽ پوءِ مسلم ماڊل هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ڪيائين. بعد ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ داخلا ورتائين. 1950ع ڌاري هو لنڊن ويو ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪري ڏيھہ موٽي آيو. 1957ع ۾ هن ”ورلــڊ يــوٿ فــيسٽيــول “ ماســڪو ۾ شرڪت ڪئــي ۽ پهريون سفرنامو لکيائين. ”لنڊن سي ماسڪو تڪ“. کيس اخباري دنيا ۾ روزاني ”نواءِ وقت“ جي ايڊيٽر مجيد نظاميءَ متعارف ڪرايو، هو ان وقت هو لنڊن ۾ اخباري نمائندو هو تہ مستنصرسان ملاقات ٿي هئس. مستنصرحسين 1968ع ڌاري پي. ٽي. وي تي اداڪاريءَ جو موقعو حاصل ڪيو، جنهن ۾ هن ’اشفاق احمد‘ جي هڪ ڊرامي ۾ اداڪاري ڪئي. پوءِ اڳتي هلي هن پي. ٽي. وي جي صبح واري هڪ پروگرام جي ڳچ عرصي تائين ميزباني ڪئي. ان دوران هن لکڻ بہ جاري رکيو. هن 30 جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ سفرناما، افسانا ۽ ناول شامل آهن، جن مان ڪجهہ اهم ڪتاب هي اٿس: 1. خانہ بدوش، 2. جپسي، 3. اندلس مين اجنبي، 4. پيار کا پهلا شهر، 5. نانگا پربت، 6. هنزه داستان، 7. شمشال بي مثال، 8. شاهگوري، 9. سفر شمال کي، 10. گدهي هماري دوست هين، 11. کالاش، 12. ياک سرائي، 13. ديو سائي، 14. چترال داستان، 15. کاروان سرائي، 16. الو هماري بھائي هين، 17. چک چک، 18. ڪي. ٽو ڪهاني.
1939.03.01 عيسوي
مستنصرحسين تارڙ پهرين مارچ 1939ع تي پنجاب جي هڪ ڳوٺ ” جوڪليان “ ۾ ڄائو