تارڪ محمد هدايت علي نجفي

تارڪ محمد هدايت علي نجفي

تارڪ محمد هدايت علي نجفي

تارڪ، محمد هدايت علي ’نجفي ‘:مشھور عالم ۽ شاعر علامہ محمد هدايت علي نجفي ”تارڪ“، 25 محرم الحرام 1312ھہ/ 1894ع ۾ لعلورائنڪ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو فقير الھداد عرف تراب علي تنيو هو. علامہ تارڪ کي فخرالشعراء، خادم الفقراء ۽ مجتهد العصر کن سواءِ هفت زبان شاعر جي لقبن سان بہ ياد ڪيو وڃي ٿو. شاعر سان گڏ سٺو اديب ۽ ڪاتب بہ هو. هن عمر جي مختصر عرصي ۾ 200 ننڍا وڏا ڪتاب لکيا، جن مان ”ديوان تارڪ“ سنڌي ادبي بورڊ 1989ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ٻيا قلمي حالت ۾ آهن يا ناياب آهن. سندس ڪتابن مان 45 ڪتاب ’علامہ تارڪ لئبرري‘ گهوٽڪيءَ ۾ سيد اظهر گيلانيءَ مرحوم وٽ محفوظ رهيا، علامہ نجفي صاحب روزي نماز جو پابند هو. 9 مارچ 1939ع مطابق 17 محرم الحرام 1358 هجري تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين. سندس درگاھہ تي هر سال محرم مهيني جي 17 تاريخ تي ساليانو ميلو (ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون) عقيدت ۽ احترام سان لڳندو آهي. سندس شخصيت ۽ ڪلام تي نامياري اديب ۽ عالم ڊاڪٽر نواز علي شوق پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو