تاس

تاس

تاس

تاسَ: ٻاوَنجهاھہ پَتن جي ڍڳيءَ کي ”تاس“ چوندا آهن. تاس ۾ تيرهن تيرهن پتن جا چئن مختلف نشانن وارا پتا ۽ ٻہ جوڪر ٿين ٿا، جن لاءِ رانديگر ڪو مقرر ملھہ طئي ڪندا آهن. انهن نشانن کي سنڌيءَ ۾ عام طور ڪارو، ڦلو، چَوڪڙي (ايٽ) ۽ پان سڏبو آهي. تاس جي ڍڳيءَ ۾ هر رنگ جا هڪ کان 10 تائين عدد ۽ انهن کان مٿي ترتيب وار گولو، راڻي، بادشاھہ ۽ يڪو ٿيندو آهي. هن راند ۾ هڪ کان ڏهن تائين پتن جا عدد هن ريت اچاريا ويندا آهن. يَڪو، ٻڪي/ دُڪي، ٽِڪي، چونڪِي، پنجي، ڇَڪي، سَتي، اَٺي، نَولو ۽ ڏهلو. هيءَ راند عام طور ٻه، چار يا ڇھہ رانديگر کيڏندا آهن، پر ڪن حالتن ۾ اڪيلو رانديگر بہ کيڏي سگهندو آهي. سائنسدانن جو خيال آهي تہ پٿر جي دور ۾ بہ ماڻهو ڪا اهڙي راند کيڏندا هئا، جيڪا تاس جهڙي هئي. ان ۾ پٿرن تي نشان هنيا ويندا هئا. هيءَ راند وندر ۽ جوئا لاءِ کيڏي ويندي آهي. تاريخ ۾ تاس جو هٿ آيل سڀ کان قديم ثبوت چين ۾ ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ ملي ٿو. پوءِ اها راند لڳ ڀڳ هاڻوڪي شڪل ۾ تيرهين صدي عيسويءَ ۾ يورپ ۾ کيڏي وئي جو صليبي جنگين جا سورما اها مشرق قريب ۾ جنگين تان موٽڻ بعد ڪندا هئا. خيال آهي تہ هيءَ راند هتي خانہ بدوشن ۽ مُور قبائلين متعارف ڪرائي. هن سان مختلف رانديون کيڏيون وينديون آهن، جھڙوڪ: پيسَ ڪوٽ، ڪاري واري راڻي، رنگ وار، کُلَ، رَمي، چؤ باز، ڇھہ باز، گهر پَتي ۽ بئنڪ، وغيرہ. سنڌ ۾ پتي /تاس راند عام کيڏي ويندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو