تاشقند

تاشقند

تاشقند

تاشقند: تاشقند کي عربيءَ ۽ فارسيءَ جي ڪتابن ۾ ’تاشڪند‘ لکيو ويو آهي. هيءُ وچ ايشيا جو هڪ وڏو شھر آهي، جيڪو سِيرُ درياھہ جي ساڄي پاسي وارين ڀرتي ڪندڙ شاخن مان هڪڙيءَ شاخ جي ڪپ تي آباد آهي. هن شھر بابت مستند ڄاڻ نہ آهي تہ هيءُ شھر ڪڏهن آباد ٿيو، پر ڪتابن ۾ ٻيءَ صدي ق.م ۾ هڪ سرزمين جي آباديءَ جو ذڪر ملي ٿو، جنهن مان تاشقند جي علائقي جو گمان نڪري ٿو. عربن هن علائقي ۽ شھر کي پنھنجي اُچار موجب ”شاش“ ڪري سڏيو. ”شاش“ جي سرزمين بابت پختو احوال اسان کي ٽين صدي عيسويءَ جي، چيني ڪتابن مان ملي ٿو. انهيءَ شھر جي پکيڙ اندازاً ٽي ميل هئي. ٿي سگهي ٿو تہ ”شاش“ جو ڪو شاهي گهراڻو ترڪ نسل مان هجي، پر هڪ مرحلي تي هيءُ علائقو ترڪن جي بدران چيني حڪومت جي ماتحت بہ آيل چيو ويو آهي. 751ع ۾ ”شاش“ جو بادشاه قتل ٿي ويو، ان جي پٽ عربن کان مدد گهري، جنهن تي زياد بن صالح، چينين کي زبردست شڪست ڏني. انهيءَ لڙائيءَ کان پوءِ وچ ايشيا ۾ مسلمانن جي هيبت ڇانئجي وئي، ۽ چينين هن خطي لاءِ وري ڪڏهن بہ طاقت آزمائي نہ ڪئي. عھد خلافت ۾، شاش جو علائقو ترڪن ۽ اسلام جي وچ ۾ سرحد سمجهيو ويندو هو. خليفي مامون جي عھد ۾ شاش خليفي جي سلطنت ۾ شامل ٿي ويو، ۽ جڏهن 819ع ۾ ساساني ڪن ضلعن جا حاڪم بڻيا تہ انهن 840ع ۾ وڌيڪ علائقو فتح ڪري ساسانين جي حڪومت اُتر ۽ ڏکڻ تائين وڌائي ڇڏي. ان زماني ۾ شاش ۾، هڪڙي نھر بہ کڻائي وَئي، جيڪا اسلامي دور ۾ ڍڪجي وئي هئي. ڪي مصنف چون ٿا تہ هي شھر ستينءَ صديءَ عيسويءَ ۾ آباد ٿيو ۽ ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ خوارزم جي شاهن جي تصرف ۾ آيو. هيءُ سمرقند ۽ بيجنگ جي تجارتي رستن جو اهم مرڪز هو. تيرهين صدي عيسويءَ ۾ چينگيزخان، ۽ 1381ع ۾ تيمور هن شھر کي فتح ڪيو. سوال اٿي ٿو تہ ”تاشقند“ جو نالو، ترڪن جي فتح کان پهرين هو يا نہ؟ ”تاشڪنت“ اکري صورت ۾ سڀ کان پهرين مغلن جي دؤر ۾ ملي ٿو. 1723ع تائين هيءُ شھر تاريخ جي لاهن چاڙهن مان گذرندو رهيو. ان کان پوءِ قبضي جي لاءِ خونريز لڙائيون ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن تہ ائين بہ ٿيو تہ رياست جي هر حصي جو حاڪم جدا هوندو هو، جيڪو ٻين حصن سان جنگ ڪندو رهندو هو. 27 جون 1865ع ۾، روسين ”تاشڪنت“ تي قبضو ڪري، ان کي صوبي جو درالحڪومت قرار ڏنو. ان ڪري تاشڪنت کي وڏي رونق ملي، جو هتي قديم ايشيائي شھر سان گڏ نئون شھر بہ آباد ٿيو، جنهن ۾ سرڪاري ڪامورا رهڻ لڳا. سن 1877ع ۾ ٻنهي شهرن کي ملائي هڪڙي يڪي نظام هيٺ آندو ويو.روسي انقلاب کان پوءِ تاشقند انهن سڀني رعايتن کان محروم ٿي ويو، جيڪي ان کي پراڻي شھر جي ڪري حاصل رهيون. جڏهن کان وچ ايشيا ۾ قوميت ۽ قومي جمهوريتن جو اصول مڃيو ويو، تاشقند پنھنجي سڄي سياسي اهميت وڃائي ويٺو. هيءُ شھر هاڻي ازبڪستان ۾ آهي ۽ ازبڪستان جو درالحڪومت ۽ وچ ايشيا ۾ سڀ کان وڏو شھر هئڻ ڪري، تجارت ۽ تعليم ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. سال 1920ع ۾ هتي يونيورسٽي قائم ٿي. وچ ايشيا جو تمام وڏو ڪتبخانو، وڏو عجائب گهر ۽ روسي جاگرافيڪل سوسائٽيءَ جي وچ ايشيا واري شاخ، سڀ هتي ئي آهن. تاشقند جي آبادي اندازاً 779000، 1 آهي. وچ ايشيا جي قديم ترين شهرن مان هڪ شھر آهي. وچ ايشيا جي سرڪاري يونيورسٽي، ۽ سائنس ۽ ثقافت جا ادارا بہ هتي آهن. 1865ع ۾ هيءُ شھر روس جي قبضي ۾ ويو ۽ روسي ترڪستان جي گاديءَ جو هنڌ بڻيو. تاشقند جي نخلستان ۾ ڀاڄيون، ميوا، ڪپھہ ۽ ريشم پيدا ٿيندو آهي.جنوري 1966ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي سربراهن (جنرل ايوب خان ۽ مسٽر شاستريءَ) جي وچ ۾ هتي ئي ”تاشقند ٺاھہ“ ٿيو.


لفظ تاشقندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو