
تال ( وڄت )
تال (وڄت ):چند ماترائن کي ڪنهن متنوع بندش جي صورت ۾ پيش ڪرڻ کي تال چئبو آهي. دراصل هيءَ بندش ڏيکارڻ ۽ ڳائڻ جي صورت واضح ڪري ٿي. ماترائن جي هن بندش جو هڪ چڪر ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڪي ماترائون مقرر ڪيون وينديون آهن ۽ انهن کي هڪ جيتري معياد اندر وڄايو ويندو آهي، ان کي تال چئبو آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي. ”تالي“ يا ”تاڙي“ وڄائڻ. انهيءَ نسبت سان اهڙين متنوع بندشن تي جدا جدا نالا رکيا ويا آهن. جھڙوڪ تين تال، ايڪ تال وغيرہ. تال ڪڍڻ لاءِ اسان وٽ ڪيترائي ساز آهن. هنن سازن جي جدا جدا جاين تي ڌڪ هڻڻ سان مختلف آواز نڪرندا آهن، جن کي ”ٻول“ چئبو آهي؛ جيئن تن، تا- تٽ- ڪت وغيره، جن سان ئي ماترا جو مدو بہ ظاهر ڪيو ويندو آهي.هندي موسيقي تمام پيچيدي ۽ وسيع علم آهي. ان جو سبب اهي ماهر موسيقار آهن، جن وقت بہ وقت موسيقيءَ ۾ اضافا ڪيا آهن. هڪ حد اهڙي آئي، جو راڳن ۽ تالن جو تعداد هزارن کي وڃي لڳو. اڪبر جي دور ۾ تانسين انهن تالن کي ترتيب ڏئي ڪل 92 تال بيهاريا، جن مان ڪي ايڏا تہ ڏکيا هئا، جو وڄي نہ سگهيا، تنهنڪري اڄڪلھہ 32 تال استعمال ۾ آهن. هلڪي موسيقيءَ لاءِ 5-6 تال ڪم اچن ٿا، جيڪي تال هن وقت وڄائڻ ۾ اچن ٿا.سمورا جسم حرڪت ڪن ٿا. ان حرڪت کي معلوم ڪري سگهجي ٿو تہ اهي ڪيتري پيماني تي حرڪت ڪري رهيا آهن. انهيءَ پيماني جو مقصد اهو آهي تہ انهيءَ حرڪت ۽ ان جي تناسب بابت ڄاڻ ملي. ان تناسب کي موسيقيءَ ۾ لئہ يا تال چون ٿا. يوناني زبان ۾ Rhythm جو لفظ استعمال ٿئي ٿو. دنيا جي موجودات ۾ ڪا بہ شي اهڙي ڪانهي، جيڪا لئہ کان خالي هجي، پرواز جي حالت ۾ پکين جي پرن جي حرڪت، جانورن جي پيرن جا آواز، مينهن ۽ برسات جي ڦڙ ڦڙ- وغيرہ فطرت جي ”لئي“ ۾ شامل آهن.جيئن شاعريءَ ۾ علم عروض، لفظن جي لئہ بيهارڻ لاءِ بنايل آهي. ائين موسيقي بہ لئہ جي محتاج آهي. چند ماترائن کي ڪنهن خاص بندش جي صورت ۾ پيش ڪرڻ کي لئہ يا تال چئبو آهي. دراصل لئہ يا تال راڳ جي صورت چٽي ڪرڻ لاءِ ۽ صحيح رفتار سان هلڻ ۾ مدد ڪندي آهي. ماترائن جي بندش جو هڪ چڪر ٿئي ٿو.، جنهن ۾ ڪي ماترائون مقرر ڪيون وينديون آهن. ۽ انهن کي هڪ خاص مقرر معياد اندر وڄايو ويندو آهي. موسيقيءَ ۾ لئہ يا تال جا رفتار جي حوالي سان ٽي قسم مڃيل آهن:بلمپت معنيٰ دير (2) مڌ معنيٰ وچ يا وچولو (3) دُرت معنيٰ تيز يا جلد. اهي لفظ بہ نسبتي آهن. انهن سان بہ لئہ جو صحيح اندازو نہ ٿو ٿئي، بس اهو ضرورت آهر نالا ڏئي هڪ معيار مقرر ڪيو ويو آهي. گرنٿن ۾ ڏنل اهو معيار هيٺ ڏجي ٿو:اٺ ڇن= هڪ لوهو. اٺ لوهو= هڪ ڪاشٽا.اٺ ڪاشٽا = هڪ نمش.اٺ نمش = هڪ ڪلا. چار ڪلائون=هڪ انودرت (هن کي برام بہ چون)ٻہ انودرت = هڪ درت .ٻہ درت = هڪ لگهو .ٻہ لگهو = هڪ گرو.ٽي لگهو = هڪ پلت.چار لگهوهڪ ڪپر. هڪ صحتمند ماڻهوءَ جي نبض جي ڌڪ کي ماترا جي برابر سمجهيو ويندو آهي، جيڪا انودرت جي برابر سمجهي وڃي ٿي. تہ ڇن جو عرصو ڇا ٿي سگهي ٿو؟ اندازو مشڪل آهي. لوهو ۽ ڪاشٽا جو عرصو بہ ايترو گهٽ آهي، جو ڏيکاري يا وڄائي نٿو سگهجي. صرف انودرت جو عرصو گهٽ ۾ گهٽ وڄائي سگهجي ٿو.موسيقيءَ ۾ وڄت جا ڪيترائي ساز آهن، جيڪي ماترائن کي ظاهر ڪن ٿا. پکاوج انهن ۾ سڀ کان پراڻو ساز آهي. ان کان سواءِ ڍولڪ، طبلو، گهڙو، ماٽي، نغارو، دهل، جهانجهر ۽ ڇير بہ تال کي ظاهر ڪندڙ ساز آهن. هنن سازن جي مختلف جاين تي آڱرين سان ڌڪ هڻي مختلف آواز ڪڍيا وڃن ٿا. گائيڪيءَ ۾ انهن کي ٻول چيو وڃي ٿو. هندي موسيقيءَ ۾ تالن جو تعداد هزارن ۾ آهي. ناردمنيءَ تالن جو تعداد 360 مقرر ڪيو، جي اڪبر جي دربار ۾ رائج هئا. تانسين انهن کي گهٽائي 92 تال بيهاريا. اهي ڪافي ڏکيا هئا، تنهنڪري ڪلاسيڪي انداز ۾ 36 تال ڪم آندا وڃن ٿا. ان کان پوءِ بہ انهن جو تعداد گهٽايو ويو. هن وقت مروج تال هي آهن.تين تال، ايڪتال، چوتال، جهپ تال، ڌمار، سوله فاخته، پنج تال جي سواري، دادرو، جهومرا، تيورا، روپڪ، برڀ تال، جيتال، روتال، لڪشمي تال، اندر تال، گن تال، آڙو تال تلواڙو، اڪرائي، هوري، فردست، چنچل، تين تال، ايڪتال، چوتال، جهپ تال، ڌمار تال، فاختہ ۽، پنج تال جي سواري.