لکت جو نمونو

لکت جو نمونو

نشانيون

نشانيون

حرف علت

حرف علت

حرف علت

حرف علت

تامل

تامل: ڏکڻ هندستان جي دراوڙي زبانن مان سڀني کان قديم ۽ اهم زبان، جيڪا شھر چينئي (مدراس) کان وٺي اتر ۽ اوڀر سيلون (سريلنڪا) تائين ڳالهائي ويندي آهي. چيو وڃي ٿو تہ خود لفظ تامل- ترامل- ترامڙ- راوڙ لفظ جو اشتقاق آهي اُها تامل ٻولي ئي تامل ناڊو رياست جي زبان آهي. هن زبان جي ڳالهائيندڙن جو تعداد 18,000,000 کان مٿي چيو وڃي ٿو. ٻين دراوڙي زبانن جي مقابلي ۾ هن زبان ۾ سنسڪرت جو عنصر ڪجهہ گهٽ آهي. هيءَ زبان سنسڪرت کان گهڻي آڳاٽي آهي ۽ چيو وڃي ٿو تہ ان جو واسطو موهن جي دڙي جي دراوڙ لوڪن جي هڪ قديم شاخ سان آهي. تامل زبان جو پنهنجو مستقل رسم الخط آهي، جيڪو ٻين دراوڙي زبانن کان مختلف آهي، پر انهن وانگر ئي، کاٻي کان ساڄي طرف لکيو ويندو آهي. تامل زبان جي ادبيات جو دائرو وسيع آهي، ۽ ادب جي مختلف صنفن ۾ تامل ۾ گهڻو ڪجهہ لکجي چڪو آهي. تامل زبان جي ادب جي ابتدا اٺين صدي عيسويءَ ۾ ٿي ۽ ان ۾ آهستي آهستي پختگي ايندي وئي. ڏهين صديءَ کان تيرهين صدي عيسويءَ وارو زمانو، هن زبان جو بھترين دؤر هو. هندوستان ۽ سريلنڪا: تامل زبان هندستان جي صوبي تامل ناڊو جي سرڪاري ٻولي آهي؛ ان کانسواءِ هندوستان جي نڪوبار ۽ انڊمان ٻيٽن ۾، ڪرناٽڪ، ڪيرالا، آنڌرا پرديش، مهاراشٽر ۾، سريلنڪا جي اتر اوڀر وارن صوبن ۾، ڪيناڊا، آسٽريليا، وچ اوڀر، سائوٿ آفريڪا ۾ بہ هيءَ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. دراوڙي- ڏکڻ تامل، ڪنڙ، تامل ڪوراگو ٻولين جي خاندان مان آهي. هيءَ ٻولي تامل لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي. جيڪا برهمي لپيءَ مان نڪتل آهي ۽ دنيا جي قديم ٻولين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي، جنهن کي 3000 سالن جي عظيم تاريخ آهي. تامل دراوڙي ٻوليءَ جي ڏاکڻي شاخ مان چئي وڃي ٿي. تامل لاءِ ڪن جو چوڻ آهي تہ هيءَ سنسڪرت مان نڪتل آهي، جيڪا ڳالھہ غلط آهي، ڇاڪاڻ تہ دراوڙي ٻولي آرين جي اچڻ کان اڳ هتي موجود هئي. تامل ٻوليءَ جا لهجا هڪ ٻئي کان مختلف آهن. ڇو تہ جاگرافيائي طور هيءَ خاصي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي، تنجور (Thanjavar) تِرونيلويلي (Tirunelveli)، رامناٿاپورام ۽ ڪجهہ لهجا سريلنڪا ۾ ڳالهايا وڃن ٿا. هن جا ڪل 22 لهجا رڪارڊ ڪيا ويا آهن. جن مان اديدرا ويدا (Adidravida)، آئيار (Aiyar)، آئيانگر (Aiyangar)، اراوا (Arava)، برگندي (Bargandi)، ڪسووا (Kasuva)، ڪونگار (kungar)، ڪوراوا(Korava) ، ڪرچي (kurchi)، مدراسي پريڪالا (Parikala)، پتوپو ڀاشا (Pattu pu)، سري لنڪائي تامل، ملائي تامل، برمي تامل، ڏکڻ آفريڪي تامل، تليگو، هريجن، سنڪيٿي ،(Sankethi) هبر (Hebbar)، مسلم تامل، ۽ مادورائي (Madurai) لهجا اهم آهن. مدراس ۽ تامل ناڊو ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ ۾ ڪجهہ انگريزيءَ جا لفظ بہ شامل ٿي ويا آهن. تامل لپي (Tamil Script ):هيءَ پدي- حرفي نموني جي لپي آهي، جيڪا کاٻي کان ساڄي سڌي ليڪ ۾ لکي وڃي ٿي ۽ اٽڪل 500 صدي عيسويءَ ڌاري برهميءَ مان نڪتل چئي وڃي ٿي. اهو زمانو گرنٿا لپيءَ جو آهي. برهمڻن گرنٿا کي ڇڏي تامل ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. تامل ان دور ۾ ويتولوتو لپيءَ ۾ لکي ويندي هئي. تامل دراوڙي ٻولين جي نسل جي اهم ٻولي آهي. ڪل ٻارهن ٻوليون ڏکڻ هندوستان ۾ دراوڙن جون آهن، جن مان تامل، تيلگو، ڪلنگري، ملايالم، تولو، ڪوراگو مشھور آهن. تامل ٻوليءَ کي دراوڙي ادب ۽ تاريخ آهي. هيءَ لپي پهرين کجيءَ جي پنن تي لکي ويندي هئي. ان لاءِ هن جا اکر گول ۽ کڙا آهن. هيءَ لپي تامل ناڊو، ملائيشيا، سريلنڪا، سنگاپور، ڪيناڊا، آمريڪا ۽ آسٽريليا ۾ لکي وڃي ٿي. هن ۾ وينجنن جو تعداد 31 ۽ لاڪنن/ حرف علت جو تعداد 27 آهي. پويان پنج وينجن سنسڪرت کان اڌارا ورتل آهن. تامل لپي گرنٿا لپيءَ کان ورتل آهي. جڏهن تہ گرنٿا خود برهميءَ کان ورتل آهي.
Consonants (حرف صحيح)
Vowels and vowel diacritics (لاڪنا / حرف علت)

تامل ٻوليءَ جا ڪيترا ڪتاب (ناول ۽ شاعري) سنڌيءَ ۾ ترجما ٿي چڪا آهن ۽ هن جو ڪافي سنڌي ادب (نثر ۽ شاعري) تامل ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو آهي.


لفظ تاملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو