
تامل ٽائيگرس
تامل ٽائيگرس: سريلنڪا جي اُترئين صوبي ’جافنا‘ جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ، ويڙهاڪ گوريلن جي تنظيم جو نالو ’تامل ٽائيگرس‘ آهي. تامل قوم جا هي گوريلا، پاڻ کي ”تامل ٽائيگر“ سڏائيندا آهن. جافنا خطي ۾ تامــل ماڻهـن جي آبادي تــمام گهـڻي آهي ۽ لــساني، قومــي، تاريـخي، تهـذيبي ۽ ثقافتي حوالي سان سريلنڪا کان ڌار هئڻ ڪري، تامل گوريلن پنھنجي خطي جي آزاديءَ لاءِ گهڻي وقت کان وٺي ويڙھہ جاري رکي آهي. سندن ڪــاررواين نہ صـرف سريلنڪائي فوج لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪـيا آهن، پـر معاشي ۽ اقتصادي حوالي سان بہ سريلنڪا کي وڏو نقصان رسايو آهي. دنيا جي انقلابي تحريڪن ۾ تامل ٽائيگرس تحريڪ پرتشدد تحريڪ سمجهي ويندي آهي، جو ان جا باغي گوريلا جسم سان بم ٻڌي ڪارروايون ڪندا رهيا آهن، جن کي ”خودڪش بمبار“ سڏيو وڃي ٿو. اهڙيون ڪارروايون اڪثر تامل عورتون ڪنديون آهن. 21 مئي 1999ع تي ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم راجيو گانڌي تي هڪ جلسي دوران هڪ بمبار عورت حملو ڪيو، جنهن ۾ هو مارجي ويو. چيو وڃي ٿو تہ ان تامل عورت گلدستي ۾ بم وجهي بهاني سان مٿس حملو ڪيو ۽ ان جي سازش گوريلي اڳواڻ پرڀاڪرن ڪئي هئي. سن 2000- 1999ع جي، سريلنڪائي صدارتي چونڊن ۾، چونڊ مھم دؤران، نگران صدر مسز چندريڪا ڪماراٽُنگا کي پڻ هڪ باغي عورت پنھنجي جسم سان بم ٻڌي زخمي ڪيو هو. ان حملي ۾ مسز چندريڪا ڪمارا ٽنگا پنھنجي ساڄي اک کان محروم ٿي. ڪو وقت ”جافنا“ جي وڏي علائقي تي تامل باغين جو قبضو هو، جڏهن تہ مختلف موقعن تي تامل گوريلا، جافنا جا اهم بندرگاھہ، ايئرپورٽ ۽ مُک علائقا پنھنجي قبضي ۾ آڻڻ جي دعويٰ ڪندا رهيا آهن. پر مئي 2009ع ۾ گوريلا اڳواڻ پرڀا ڪرن جي پراسرار قتل بعد سندن سرگرمين ۾ ڪجهہ ٺاپر آئي آهي. ياد رهي تہ پرڀاڪرن مزاحمت ۽ خوف جي علامت هو، پر سندس موت هڪ راز بڻيل آهي، ان لاش جهنگ مان هٿ آيو هو.