تان رس خان

تان رس خان

تان رس خان

تان رس خان: مغل بادشاھہ بھادر شاھہ ظفر جي دور جي تان رس خان، جنهن جو اصل نالو قطب بخش ولد قادر بخش هو. هو دهلي هو. جي. ڊاسنا نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. هن ڳائڪيءَ جي تعليم ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين پنھنجي پيءُ کان ورتي. هو ڳائڻ جي فن ۾ عبور حاصل ڪرڻ کانپوءِ دهلي هليو ويو. جتي بادشاھہ هن کي قلعهء مغني جي لاءِ منتخب ڪيو ۽ کيس شاهي موسيقار ٿيڻ جو شرف حاصل ٿيو. تان رس خان خيال گائـــڪيءَ کـــيس عـــروج تـي پھچايو. هن جي رس ڀريل تانن کان متاثر ٿي، بھادر شاھہ ظفر کــيس ”تــان رس خـــان“ جـــو خطاب ڏنو. بادشاھہ هن جي موسيقي هفتي جا ڇھہ ڏينهن ٻڌندو هو. هو پنھنجي هاٿيءَ تي چڙهي، پنھنجي پاڙي ۾ قائم ”چاندي محل“ ويندو هو. هي پاڙو بادشاھہ تان رس خان کي انعام طور ڏئي ڇڏيو هو. هن پاڙي جي هڪ گهٽي اڄ بہ ”تان رس خان“ جي نالي سان مشھور آهي. ايڏي وڏي عزت ۽ ناموس هوندي بہ جڏهن هن قوال ٻارن مان هڪ ميان اچپل کي ٻُڌو تہ ان جي شاگردي اختيار ڪيائين. تان رس خان پنھنجي استاد جي گهوڙي جي واگ جهلي پيادل حضرت قطب رح وٽ ويندو هو ۽ رستي ۾ استاد کان موسيقيءَ جي تعليم حاصل ڪندو هو. اهو سلسلو ٻن سالن تائين جاري رهيو. 1857ع جي هنگامن کانپوءِ بھادر شاھہ ظفر کي جڏهن جلاوطن ڪيو ويو تہ تان رس خان رياست الور هليو ويو.اتي مهراج شوڌان سنگهہ، تان رس کي وڏيءَ عزت سان پنهنجيءَ درٻار ۾ رهايو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ نيپال جي مهاراجا بھادر راءِ کيس پاڻ وٽ گهرائي ورتو. ڇھن مهينن کانپوءِ وري دکن جي نظام جي چوڻ تي حيدرآباد دکن پهتو ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن اتي گذاريائين. هن جي شاگردن ۾ پنجاب جي علي بخش ۽ فتح علي خان تمام گهڻي شھرت ماڻي.


لفظ تان رس خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو