تان ٽپو

تان ٽپو: ڳائڻ جو اهو انداز، جنهن ۾ هر لفظ جي پويان تان هجي يا راڳ جا لفظ تانن ۾ ورهايل هجن. ٽپو محمد شاھہ رنگيلي جي دور ۾ ايجاد ٿيو. محمد شاھہ رنگيلي جي عھد ۾ هوري، ڌرپد ۽ ساردا راڳ جون صنفون عروج تي هيون. پوءِ وري خيال کي گهڻو ڳايو ويو، جيڪو سدا رنگ ۽ سلطان حسين شرقي جي ايجاد ڪيل صنف آهي. خيال کي ايترو ڳايو ويو جو هوري ۽ ساردا جو رنگ جهڪو ٿي ويو. مغلن جي دور ۾ اڌي پور جي نواب آصف الدوله جي درٻار ۾ ملڪ جا وڏا وڏا ڳائڻا ڪٺا ٿيا، جن ۾ شورا نالي گويو بہ هو، جنهن ٽپو تخليق ڪيو. حالانڪہ ڳائڻ جو اهو انداز پنجاب ۾ اڳئي موجود هو، پر ان کي موجودہ مقام شورا خان ڏياريو. شورا خان انهيءَ راڳ جي صنف کي راڳ ڪري اهڙي نموني پيش ڪيو، جو پوري هندستان ۾ هن جي سڃاڻپ ٿي، سنڌ ۾ هن صنف کي استاد خير محمد خان آندو، ان کانپوءِ الھڏنو نوناري ۽ مٺو ڪلهوڙي گهڻو ڳايو. استاد منظور علي خان هن صنف کي سنڌ ۾ عروج وٺرايو. محمد جمن، فدا حسين، رمضان علي خان ۽ شادي فقير بہ هن صنف کي ڪافي گهڻو ڳايو آهي.


لفظ تان ٽپوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو